
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي 72 کان وڌيڪ قديم ماڳن کي سرڪاري سطح تي قديم آثارن جو درجو نه مليو، نصاب ۾ شامل ڪيئي تاريخي ماڳن کي سنڌ حڪومت سرڪاري طور قبولڻ لاءِ تيار ئي ناهي! قلندر شهباز جي مزار، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، مورڙو ميربحر، اروڙ مسجد، جوهن جيڪب هائوس، هالا حويلي سميت ٻيا آڳاٽا آثار سياحت کي هٿيءَ وٺرائيندڙ کاتي کي نظر ئي نه آيا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ جي سياحتي ماڳن کي هٿيءَ وٺرائڻ واري اداري سياحت پاران لڳ ڀڳ سنڌ جي ان سمورن آڳاٽن ۽ تاريخي ماڳن کي سرڪاري طرح قبول ڪرڻ ۽ قديم آثارن ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. جنهن سبب آڳاٽن ماڳن جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي. ڪراچي ۾ منگھر مڇ کان ڀائرن کي بچائيندڙ معذور مزاحمتي ڪردار موڙو ميربحر، مائي ڪلاچي جي قبر، ٺٽي ضلعي ۾ درگاھ درسواريو ۽ قبرستان، پير پٺو قبرستان، گجو قبرستان، شاھ حسين درگاھ، پليجاڻي قبرستان، حيدر شاھ جو قبرستان، جاتي مندر، اڏيرو لال، حضرت شيخ ترابي قبرستان ۽ درگاھ، حضرت شيخ حالي (مندر ۽ قبرستان)، جوکيا قبرستان (اُٺن جي کوڙي)، محمد هاشم ٺٽويءَ، ضلعي بدين ۾ شاھ عبدالمجيد جي درگاھ، درگاھ حضرت محمد اسماعيل، شاھ محمد جي درگاھ، دودي سومري جو مقبرو، چنيسر جي قبر، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جامع مسجد، نامعلوم قديم قبرون، هالا حويلي، اسماعيل شاھ بخاري جو مقبرو، ابراهيم شاھ جو مقبرو ضلعي سانگھڙ ۾ سانگھڙ قبرستان، جامع مسجد سوئي ڪنڊر ضلعي ڄامشوري ۾ برفت قبرستان جي مسجد، عزت خان برفت جو مقبرو، بخاريا مسجد، جنرل هوش محمد شيدي، لڪي شاھ صدر جي مزار، ضلعي خيرپور ميرس ۾ بارا دڙي، جھانگوخان شير جو مقبرو، سچل سرمست جي مزار، داد شهيد بادشاھ جي درگاھ ضلعي جيڪب آباد ۾ جوهن جيڪب قبرستان ۾ نامعلوم مقبرو، جوهن جيڪب جو قبرستان، وڪٽوريا ڪلاڪ ٽاور ضلعي مٽياري ۾ مير تاج محمد جو مقبرو، بجار خان ٽالپر (وڏو) جو مقبرو، مير صوبيدار ۽ مير بهرام علي خان جو مقبرو، مائي خيري جو مقبرو ضلعي سکر ۾ اروڙ مسجد، ايوب برج، حُرن جي جيل ضلعي دادو ۾ قلندر شهباز جي مزار، جوهي مندر، اروڙا مقام، راوت فقير جو مقبرو ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ صوفي شاھ عنايت شهيد، شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو سميت مختلف ضلعن ۾ 72 کان مٿي آڳاٽا ماڳ آهن جيڪي سرڪاري طور سياحت واري کاتي ۾ شامل نه هجڻ ۽ بي ڌياني سبب خطري هيٺ آهن. جڏهن ته ڄاڻايل آڳاٽن ماڳن مان شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو، سچل سرمست، دودو سومرو، چنيسر آريسر، جنرل هوش محمد سنڌي نصاب ۾ به شامل رهيا آهن. جن مان ڪيئي نالا نصاب مان نڪري وڃڻ ۽ سرڪاري سطح تي قبول نه ٿيڻ سبب ايندڙ نسلن جي ڄاڻ کان رهجي ويندا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي ) آرڪائيو منظور ڪناسرو “پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آڳاٽي آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ٽيم پاران سروي جو ڪم هلندڙ آهي. مورڙو ميربحر، مائي ڪلاچي، جنرل هوش محمد سنڌي سميت ٻين آڳاٽيءَ آثارن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي ورثي ۾ جيڪي آثار قومي ورثي ۾ شامل ناهن انهن تي سرڪاري خرچ نه ٿا ڪري سگھون. ڪراچي جون 3 هزار قديم عمارتون به قومي ورثي ۾ شامل ناهن، ان حوالي سان ناليواري تحقيقدان گُل حسن ڪلمتي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صرف ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ اولهه ٻهراڙيءَ ۾ 105 قديم قبرون، مزارون ۽ يادگار آهن. جڏهن ته 3 هزار کان 3500 تائين قديم عمارتون آهن. جيڪي قومي ورثيءَ ۾ شامل ٿيڻ گھرجن. پر معاملو عدالت ۾ هجڻ سبب قديم عمارتن کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ وارو ثقافت ۽ سياحت کاتي جو ڪم رولڙي ۾ پيل آهي.