fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نوشھروفيروز:نامياري سينئر قانوندان مير محمد سولنگي جي لاڏاڻي تي سوڳ.عدالتي ڪارونھوار بند

سينئر وڪيل مير محمد سولنگي

نوشھروفيروز(ن پ ا)ضلعي بار ايسوسئيشن نوشھروفيروز پاران مورو بار جي اڳوڻي صدر سينئر وڪيل مير محمد سولنگي جي لاڏاڻي تي نوشھروفيروز جي عدالت سميت ضلعي جي مڙني تعلقن مورو, ڪنڊيارو, ڀريا, محراب پور, جي عدالتن جو ڪاروهنوار معطل ڪيو ويو.ان موقعي تي ضلعي بار ايسوسئيشن جي صدر عبدالرحيم عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري امتياز حسين ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مير محمد سولنگي ھڪ بهترين انسان ۽ قانوندان ھو ھن قانون جي بالادستي جي لاء وڏي جاکوڙ ڪئي. ھن ڪيترائي وڪيل تيار ڪيا جيڪي اڄ بي پھچ ماڻھن جا مسئلا حل ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف محراب پور تعلقه بار جي صدر لطف اللھ سيال ۽ مورو جي سينئر وڪيل امداد حيدر سولنگي چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان ھڪ خال پيدا ٿيو آھي. ھو سڄي زندگي ماڻھن جو ڀرجهلو رھيو ۽ وڪيل برادري جي حقن لاء پڻ آواز بلند ڪندو رھيو..

Bookmark the permalink.