fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪوٽڙي ۾ ٽيون ٽي- 20 پاڪستان بلائينڊ ڪپ: چئني صوبن وچ ۾ مقابلا شروع

پهرين ميچ ۾ پنجاب بلائينڊ ٽيم پاران سنڌ جي ٽيم کي 213 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي بلائينڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪمشنر حيدرآباد پاران ڪيو ويو

ڪوٽڙي (ڌڻي بخش باريجو) ڪوٽڙي ۾ پاڪستان بلائينڊ ڪائونسل جي ڪوششن سان ٽيون پاڪستان بلائينڊ ٽي 20 سپر ليگ ٽورنامينٽ شروع ٿي ويو آھي. ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ چئني صوبن جي ٽيمن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ خاص مهمان طورڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ چيو ته اسپيشل نوجوانن لاء اهڙا راندين جا موقعا ٿيڻ تمام بهتر عمل آھي، اسين پنهنجي ڊويزن اندر اسپيشل رانديگرن لاء ٽورنامينٽ جو بهتر موقعا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ٽورنامينٽ بهتر اثر ڇڏيندو، حيدرآباد ڊيوزن جي اسپيشل رانديگرن لاء سندن نوڪري وارو مسئلو به حل ڪرايو ويندو. هن چيو ته اسپيشل رانديگرن جي گهڻائي آهي پر ڪوٽا صرف ٽي سيڪڙو رکيل آھي، ان جي باوجود سندن وس آهر مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٽورنامينٽ جي پهرين مئچ ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي ٽيمن ۾ مقابلو آهي، جنهن ۾ پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 18 اورن ۾ چار رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 212 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته پنجاب جي ٽيم جي رانديگرن ۾ نثار علي 70 رنسون ٺاهيون ۽ محسن خان 65 رنسون ٺاهيون. سنڌ پنجاب جي 213 رنسن جي هدف لاءِ بيٽنگ ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.