fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

عامر ۽ سلمان لاءِ دل ۾ دوستي کان وڌيڪ عزت آهي: شاهه رخ خان

شاھ رخ خان، عامر خان ۽ سلمان خان

ممبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) بالي ووڊڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته عامر خان ۽ سلمان خان لاءِ دل ۾ دوستي کان وڌيڪ گهڻي عزت آهي. هڪ انٽرويو ۾ شاهه رخ خان چيو ته جڏهن اسان ٽئي خان هڪ ٻئي سان ملندا آهيون ته ڪڏهن به ڪم بابت ناهيون ڳالهائيندا پر سمورو وقت هڪ ٻئي سان مذاق ڪرڻ ۾ گذاريندا آهيون.
شاهه رخ خان چيو ته جڏهن اسان ملندا آهيون ته اسان کي اها خبر پوندي آهي ته اسان دوست آهيون، مستي مذاق سميت ٻين شين دوران اسان ٽئي هڪ ٻئي جي ڏکن سکن سان گهڻو اثرا انداز به ٿيندا آهيون.
هن چيو ته هڪ ڀيري عامر خان سان ملاقات دوران چيو هو ته جيڪڏهن ماڻهو اسان کي ائين ڳالهائيندي ۽ کلندي ڏسن ته چوندا ٽئي خان بلڪل به اسٽار نٿا لڳن.

Bookmark the permalink.