fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

بڊاڻي ۾ ڊرينيج جو ڪم رولڙي جو شڪار، نالين جا ڍڪڻ نه لڳا، احتجاج

پبلڪ هيلٿ کاتي پارا هڪ سال اڳ ڊرينيج جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو هيل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو

ڪجھه ڏينهن اڳ معائنو ڪندڙ ٽيم به ڪم جو جائزو وٺي ڍڪڻ لڳائڻ جو چيو پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو

بخشاپور (رپورٽ: مڪيش ڪمار) بخشاپور ويجھو يوسي بڊاڻي ۾ ھڪ سال اڳ پبلڪ ھيلٿ طرفان ڊرينج نالين جو ڪم ٿيو ھو جيڪو ھن مھل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي مختلف نالين جا ڍڪڻ ڀڄي چڪا آھن جنھن سبب کليل نالين ۾ ٻارن جو ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي بڊاڻي يوسي جي شھرين سھراب مڙل.منظور مڱڻھار.حاجي سومرو ۽ معصوم ٻارن جو انتظاميا جي اھڙي رويئي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ھڪ سال اڳ پبلڪ ھيلٿ طرفان ڊرينيج نالين جو ڪم شروع ٿيو ھو جيڪو ھن مھل تائين مڪمل نه ٿي سگھيو آھي ڊرينيج نالين مٿان لڳل ڍڪڻ به ڀڄي چڪا آھن جنھن ڪري اسان جا ٻار ھر روز انھي نالين ۾ ڪري پون ٿا نالين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري بيماريون به پکڙجڻ لڳيون آھن يوسي چيئرمين ۽ ضلعي انتظاميا کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو کڙ تيل نه نڪتو آھي شھرين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن پھريان لاڙڪاڻي ڊويزن کان ھڪ ٽيم آئي جنھن نالين کي ناقص قرار ڏئي ٻيھر مرمت ۽ نالين کي فوري طور ڍڪڻ وجھڻ جو انتظاميا کي حڪم پڻ ڏنو ھو ليڪن ان بعد به مرمت جو ڪم نه ٿي سگھيو اسان سنڌ جي وڏي وزير ڊي سي ڪشمور ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته ٺيڪيدار خلاف نوٽس وٺي ڊرينيج جو ڪم مڪمل ۽ گٽرن مٿان ڍڪڻ ڏنا وڃن ته جيئن ڪو جاني نقصان ٿيڻ کان بچي سگھي.

Bookmark the permalink.