ڪراچي: تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته عدالتي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته نواز شريف ڪرپشن جو گاڊ فادر آهي. تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو پهريون مقصد ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو آهي. وزير اعظم عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ تيزي سان جاري آهي. خرم شير زمان چيو آهي ته ملڪ کي نقصان رسائيندڙن هر شخص جو احتساب ٿيندو، احتساب جو آغاز نواز شريف کان ٿي چڪو آهي، ڪرپشن جو گاڊ فادر نواز شريف کان پوءِ هاڻ گاڊ فادر زرداري جو وارو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته جلد ئي پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به اڊيالا جيل ۾ هوندو.