fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

دادو ۾ آپريشن متاثر دربدر، رت سڪائيندڙ ٿڌ ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل

ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ جي پٽي تي آپريشن دوران 65 پورهيتن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، بااثرن خلاف ڪارروائي نه ٿي!

گهر ٻاهران پاڇو برداشت نه ڪندا هئاسين، اڄ نياڻيون جهوپڙين ۾ ويٺل آهن، ڇا عزت سان جيئڻ جو حق به ناهي؟: متاثر

دادو(ن پ ا) دادو جي ڊيٽا ۽ ٻرڙا شاخ واري پٽي مان 65 گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سبب متاثر خاندانن دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، 15 کان وڌيڪ متاثر خاندانن ساڳين پلاٽن تي جهوپڙيون اڏي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت شديد سردي ۾ ويهي رهيا آهن. متاثر جهوپڙين ۾ راتيون گهارڻ تي مجبور آهن. آپريشن متاثر ڪٽنب جي هڪ عورت مسمات پٺاڻي ملاح لڙڪ لاڙيندي دانهيو ته گهر ڊاهي پٽ ٿيڻ سبب دربدر آهيون، چار جوان نياڻيون جهوپڙين ۾ رهن ٿيون. مسمات وزيران ٻڌايو ته گهر ڊاهڻ دوران سمورو سامان به ڀڃي ڇڏيو اٿئون، رڌ پچاءَ لاءِ ٿانوءَ ناهن بچيا، معصوم ٻارڙا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پر ڪير دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. غلام محي الدين سولنگي دانهيو ته انتظاميا بااثرن جا گهر ڊاهڻ بدران مسڪينن جي اجهن تي مشينري گهمائي ڇڏي.

Bookmark the permalink.