fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

باقراڻي واسي جو 11 سال اڳ قتل ٿيل پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ ميان اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن علي محمد ابڙو 11 سال اڳ قتل ٿي ويل پٽ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام لڳايو ته سال 2007ع ۾ نوجوان پٽ علي اڪبر ابڙو کي بااثرن عبدالرزاق موجائي ۽ الهه ڏنو موجائي قتل ڪيو هو، واقعي جو ڪيس حد جي باقراڻي ٿاڻي تي داخل آهي جنهن ۾ پوليس عبدالرزاق موجائي کي روپوش قرار ڏئي کيس گرفتار نه پئي ڪري.

جيڪو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ان خلاف حد جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر ڪاروائي نه پئي ڪري جنهن ڪري مون سميت منهنجي گهر ڀاتين کي جان جو خطرو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوجوان پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.