fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ايجوڪيشن ورڪس ۾ 42 ڪروڙن جا گهپلا، هڪ جاچ مڪمل، ڪامورن کي بچائڻ لاءِ جتن

چيف انجنيئر تي 428 ملين رپين جي ڪرپشن جو الزام، اينٽي ڪرپشن جاچ مڪمل ڪري ڇڏي

ڪجهه عملدارن پاران ٻيهر جاچ ڪرائي جوابدارن کي فائدو پهچا ئڻ جي ڪوشش

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي، اها رقم سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جي حوالي سان ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي ملي هئي، جنهن جي جاچ تي سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي جا ڪجهه آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا آهن، جڏهن ته کاتي جا ٻيا آفيسر هن ڪيس کي ثابت ڪرڻ لاءِ سرگرم بڻيل آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ذريعن وٽان مليل دستاويزن موجب سنڌ جي ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ 2017ع جي شروعات ۾ ٺيڪيدارن کي مختلف اسمن جي مد ۾ 10 سيڪڙو اضافي رقم ادا ڪئي وئي، جنهن تي هڪ غيرسماجي تنظيم اينٽي ڪرپشن کاتي کي خط لکيو ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي چيف انجنئر فريدالدين صديقي انهن ٺيڪن جي مد ۾ 428 ملين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، هن درخواست جي بنياد تي چيف سيڪريٽري سنڌ جاچ جي منظوري ڏني، ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ون هيڊڪوارٽر ضمير عباسي کي هن معاملي جي جاچ جو آفيس مقرر ڪيو، ذريعن موجب ضمير عباسي 15 آگسٽ 2018ع تي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۾ فيبروري 2017ع کان جون 2017ع تائين ٿيل ٺيڪن جي مد ۾ 42 ڪروڙ 80 لک روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، پنهنجي رپورٽ ۾ هن سفارش ڪئي آهي ته ان ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري، کين گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پر اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڪجهه بالا آفيسرن ان رپورٽ تي عمل ڪرڻ بدران اها جاچ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اي) سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد جي عرفان علي ارباب جي حوالي ڪئي، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ڪرپشن ڪرڻ کان آجو قرار ڏيندي، پنهنجي بالا آفيسرن ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف صرف کاتيوار ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليگل رضوان احمد ترمزي پاران ضمير عباسي جي رپورٽ کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اعليٰ عملدارن ڏانهن اماڻڻ بدران پاڻمرادو معاملي جي ٻيهر جاچ هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان ارباب حوالي ڪئي، جڏهن ته قانون مطابق اها جاچ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي معرفت اماڻڻ گهرجي ها، پر ذاتي مفادن خاطر اها انڪوائري سڌي ريت هڪ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڏانهن اماڻي وئي، ذريعن موجب هن معاملي تان اينٽي ڪرپشن جي عملدارن وچ ۾ شديد اختلاف هلندڙ آهن ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ذاڪر سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد کان ليگل اوپينئن وٺڻ بعد هن ڪيس جي جاچ ٻيهر شروع ڪرائي آهي ۽ سرڪل آفيسر حيدراباد شير محمد سانگي کي جاچ حوالي ڪندي، کانئس 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي‏. ذريعن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيل ليگل اوپينيئن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل ڄاڻايو آهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي جي رپورٽ ميرٽ ۽ ثبوتن تي ٻڌل هئي، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عرفان علي ارباب جي جاچ رپورٽ جوابدارن کي فائدو ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ليگل پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته ضمير عباسي جي رپورٽ جي روشني ۾ هن ميگا ڪرپشن جو ڪيس جوابدارن خلاف داخل ڪيو وڃي، فيبروري 2017ع کان جون 2017 تائين سنڌ جي 18 ضلعن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 428 ملين روپيا آيا هئا ۽ ان دور ۾ مهانگائي جو جواز ڄاڻائي چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس فريد صديقي ٺيڪيدارن کي 10 سيڪڙو اضافي ادائيگي ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪيو هو، جنهن تي اها جاچ نگران حڪومت ۾ شروع ڪئي وئي هئي، حيدرآباد: ضمير عباسي جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جنهن وقت ٺيڪيدارن کي ٺيڪن تي 10 سيڪڙو اضافي رقم ڏني وئي هئي، ان وقت گهربل سامان سستو هو پر ان جي باوجود اضافي ريٽ لڳائي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.

Bookmark the permalink.