fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پني عاقل ۾ گئس جو بحران، شهري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا

شهر ۾ گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ماڻهن جي پريشانين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ۾ گئس جي بحران سبب عام رواجي زندگي مشڪلاتن جو شڪار بڻجي وئي شهري سخت پريشان گهرن ۾ عورتون رڌپچاء لاء گئس نه هجڻ ڪري سردي جي موسم ڏکائين کي منهن ڏيڻ لڳيون عام ڏينهن هجن يا اسڪول جي کلڻ وارا ڏهاڙا اسڪولي ٻارڙا سرڪاري ملازم مزدور طبقو صبح جو بغير ناشتو ڪرڻ جي ويندا آهن گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ماڻهن جي پريشانين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي گئس انتظاميا پريشر گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪيترائي ڪلاڪ ڪڏهن پورا چويه ڪلاڪ به گئس کي بند رکيو وڃي ٿو سياسي سماجي ماڻهن جن ۾ جمال ناصر بلو مولانا مسعود شيخ اسحاق جسڪاڻي مراد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گئس جي بروقت فراهمي معطل ٿيڻ دراصل حڪومت جي ناڪامي آهي جيڪا ترقياتي ڪم ته نه ڪرائي سگهي پر بنيادي سهولتون بج کسيندي پئي وڃي اسان جا سڀ ڪم ڪار رولڙي جو شڪار آهن جيڪڏهن گئس جي صورتحال کي بهتر نه ڪيو ويو ته اسين احتجاج ڪنداسين هڪ طرف گئس جو بحران ته ٻئي طرف ڪاٺيون به اڻ لڀ هجڻ سان گڏوگڏ ڳاٽي ٽوڙ مهانگيون ٿي ويون آهن جيڪي 5کان اٺ سو روپيا مڻ وڪرو ٿين ٿيون ڪاٺيون وڪرو ڪندڙن جو موقف آ ته ٻيلا به ختم ٿي وڻ آهن ڪونه هيڪڙ ٻيڪڙ وڻ آهن جيڪي وڪرو ڪري ٻچن جو گذر سفر ڪيون ٿا مختلف اسڪولن جي شاگردن توقير ڪورائي عدنان مهر ماجدمهيسر جن جو چوڻ هو ته بجلي گئس جي لوڊشيڊنگ سبب اسانجا ڪپڙا ڊريسون استري ٿي نه ٿا سگهن سردي جي موسم ۾ صبح جو بک تي وڃون ٿا حڪومت گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري اسانجون مشڪلاتون حل ڪري نه ته اسان به احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا.

Bookmark the permalink.