fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نواز شريف خلاف فيصلو مخالف ڌر کي ڪمزور ڪندو يا مضبوط؟

 

اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف خلاف داخل ٻن ريفرنسز جو احتساب عدالت فيصلو ٻڌايو آهي، جن مان کيس فليگ شپ ريفرنس ۾ لڳايل الزامن کان ته بري ڪيو ويو آهي پر العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد اڍائي ڪروڙ ڊالر ۽ 15 لک برطانوي پائونڊ جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. احتساب عدالت کي سومر ڏينهن صبح جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻو هو، پر لڳ ڀڳ ڇهن کان ستن ڪلاڪن بعد احتساب عدالت اهڙو فيصلو ٻڌايو.

احتساب عدالت جنهن العزيزيه ريفرنس ۾ ميان نواز شريف کي ست سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي اهو ريفرنس سعودي عرب ۾ 2001ع ڌاري جلاوطني دوران قائم ڪيل العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ان بعد 2005ع ۾ هل ميٽل ڪمپني بابت هو. ان ريفرنس ۾ مني ٽريل نه ڏيئي سگھڻ تي ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته فليگ شپ ريفرنس، آف شور ڪمپني ڪيپيٽل ايف زيڊ اي جنهن جو سربراه ميان نواز شريف هو بابت آهي. ان فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي بري ڪيو آهي. ياد رهي ته ميان نواز شريف کي ايف زيڊ اي ڪمپني جي سربراھ جي حيثيت ۾ پگھار کڻڻ جي اهل هجڻ باوجود مامرا ظاهر نه ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ کيس نا اهل ڪرڻ جو فيصلو ڏيئي چڪي آهي. ان ڪري احتساب عدالت جي خاص طور تي فليگ شپ ريفرنس مان نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي اچڻ تي هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي ۽ ان فيصلي بعد اهي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ڇا اهو فيصلو پنجاب جي وڏي جماعت مسلم ليگ جي سربراھ ميان نواز شريف جي نا اهلي واري فيصلي کي ختم ڪرڻ جو سبب يا جواز پيدا ڪندو؟ جيڪڏهن فليگ شپ ريفرنس بابت احتساب عدالت جي ڏنل فيصلي کي ميان نواز شريف جي قانوني ٽيم جواز بڻائي نواز شريف جي تاحيات نا اهلي واري سزا خلاف قانوني رستو اختيار ڪري ٿي ته پوءِ احتساب عدالت پاران سومر ڏينهن سزا ملڻ، جيل وڃڻ باوجود احتساب عدالت جو فيصلو ميان نواز شريف کي رليف ڏيندڙ فيصلو چئي سگھبو، ڇو ته جنهن العزيزيه ريفرنس ۾ ميان نواز شريف کي سزا ملي آهي پوءِ ان مان کيس رليف ملڻ جي به اميد هوندي. ڇو ته ان کان اڳ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي ڏھ سال ۽ سندس ڌيءَ کي ست سال سزا ڏني وئي هئي جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي هئي. عدالت ان فيصلي کي معطل ڪندي ميان نواز شريف ۽ سنس ڌيءَ کي ضمانت تي آزاد ڪيو هو.

سومر ڏينهن احتساب عدالت پاران نواز شريف کي ٻڌايل سزا خلاف به اپيل داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڏسجي ته اڳ وانگر نواز شريف جي قانوني ٽيم سومر ڏينهن آيل سزا خلاف نواز شريف جي حق ۾ ڪيتري اثرائتي دفاع ڪرڻ جي تياري ڪري ٿي. ڪجهه وقت جي وقفي کانپوءِ ميان نواز شريف ٻيهر جيل حوالي ٿي ويو آهي. احتساب عدالت طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ نيب کيس حراست ۾ ورتو ته ميان نواز شريف عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس اڊيالا جيل بجاءِ ڪوٽ لکپت جيل اماڻيو وڃي. نيب پراسيڪيوٽر جي مخالفت باوجود عدالت نواز شريف جي درخواست قبول ڪئي ۽ کيس ڪوٽ لکپت جيل موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي پر ان باوجود نيب کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي عدالت جي حڪم تحت ڪوٽ لکپت جيل اماڻڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. احتساب عدالت پاران ميان نواز شريف کي هڪ ڀيرو ٻيهر قيد جي سزا ٻڌائڻ بعد مسلم ليگ (ن) ڪو سخت ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي بلڪه ضمانت تي آزادي بعد ميان نواز شريف ۽ مريم نواز شريف پنهنجي پراڻي سخت موقف سان سامهون اچڻ واري حڪمت عملي تان به يو ٽرن وٺي مسلسل خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. ان خاموشي اختيار ڪرڻ پويان ڪي سبب ضرور نظر اچي رهيا آهن. ڪالهه جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر نواز شريف کي سزا ٻڌائي وئي ته سندس ڌيءَ ضمانت تي آزادي بعد پهريون ڀيرو ٽيوٽر تي بيان جاري ڪيو پر ان جي جاري ڪيل بيان ۾ به اڳ جهڙي سخت ٻولي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي. نواز شريف جي مسلسل خاموشي ۽ مريم نواز جي سخت ٻولي جو استعمال نه ڪرڻ، نون ليگ پاران نواز شريف جي گرفتاري باوجود ڪا احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ بجاءِ قانوني رستو اختيارڪرڻ پويان ظاهر آهي ته ڪا سياسي حڪمت عملي ضرور هوندي جنهن سبب صرف فيصلي تي بيان جي حد تائين ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. اها حڪمت عملي ڇو اختيار ڪئي وئي آهي، ان پويان سبب گھڻو وقت لڪل نه رهي سگھندا ۽ هيئن سخت لهجي بعد خاموشي اختيار ڪري ورتل يوٽرن پويان حڪمت به ظاهر ٿيندي.

نواز شريف جي گرفتاري بعد فوري طور تي رستن تي اچڻ يا جارحاڻي پاليسي اختيار ڪرڻ بجاءِ رڳو بيان ڏيئي ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ وارو عمل ڪو بنا سوچ ۽ حڪمت جي نه ڪيو ويو آهي. ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) ڪهڙي حڪمت عملي کڻي سامهون اچي ٿي ڇو ته جيڪا ملڪ اندر سياسي صورتحال جڙي رهي آهي ان ۾ مخالف ڌر جي ٻي وڏي جماعت پيپلز پارٽي جي سربراھ آصف زرداري، سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جو به گھيرو تنگ ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. جي آءِ ٽي جي انڪوائري جا جهڙي نموني تفصيل سامهون اچي رهيا آهن انهن کي ڏسي سياست تي نظر رکندڙ تجزيي ڪارن کي آصف زرداري به زد ۾ ايندي نظر اچي ٿو. سوال هي آهي ته مخالف ڌر جي ٻن وڏين جماعتن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جيڪڏهن جيل ۾ هوندي ته ڇا اهي ٻئي پارٽيون موجوده حڪومت لاءِ سخت بحران پيدا ڪرڻ لاءِ گڏ نه ٿينديون؟.منهنجي خيال ۾ ان صورت ۾ پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وچ ۾ جيڪي سياسي اختلاف ۽ ويڇا آهن اهي ختم ٿي سگھن ٿا ۽ ٻئي جماعتون گڏجي ملڪ اندر حڪومت خلاف سخت احتجاجي حڪمت عملي اختيار ڪري سگھن ٿيون جيڪا صورتحال اڳ ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ نئين ڏچي جو سبب ٿيندي.

سياسي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ اقتصادي ترقي ۽ سيڙپڪاري آڻڻ انتهائي مشڪل ٿي ويندو. اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي ان ڪري به نظر اچي رهي آهي جو نون ليگ توڙي پيپلز پارٽي هڪ آواز ٿي اهو چئي رهيون آهن ته موجوده حڪومت جي دور ۾ احتساب رڳو مخالف ڌر جو ٿي رهيو آهي. حڪومتي وزيرن توڙي وزيراعظم ۽ ان جي ڀيڻ خلاف ڪيسن باوجود ائين ڪارروائي نه ٿي رهي آهي جيئن مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن. نه رڳو ايترو پر ٻنهي مخالف ڌر جي پارٽين کي نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين پويان به حڪومتي هٿ نظر اچي رهيو آهي. اها صورتحال ٻنهي مخالف ڌر جي پارٽين کي حڪوت خلاف ويجھو به آڻي سگھي ٿي ته ڪنهن هڪ کي حڪومت جي ويجھو يا سخت ماحول مان بچائي مخالف ڌر کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جو سبب به ٿي سگھي ٿي، جيئن عام چونڊن بعد پيپلز پارٽي مخالف ڌر کي مضبوط ڪرڻ بجاءِ ڪمزور ڪيو. بهرحال ايندڙ ڏينهن سياسي صورتحال جي حوالي سان نهايت ئي اهم آهن جنهن بعد اهو چٽو ٿي ويندو ته مخالف ڌر گڏجي حڪومت خلاف اچي ٿي يا حڪومت ان کي ورهائي رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي.

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of