fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

نواز شريف کي آيل سزا ۽ ان جا سياسي اثر!

 

ڪالهه ملڪ جي سياسي تاريخ جي حوالي سان اهم ڏينهن هو جو ان ڏينهن احتساب عدالت پاران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ قيد جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ ڏيڍ ارب رپين جو ڏنڊ به لڳائي ڇڏيو، جڏهن ته سندس ٻنهي پٽن حسن ۽ حسين کي روپوش قرار ڏيندي سندن دائمي وارنٽ به جاري ڪيا ويا. هن  فيصلي کي مختلف حلقن پاران ڪيئن ڏٺو ويو، ڪنهن لاءِ سرپرائيزنگ هو يا ڪنهن لاءِ متوقع ته هن فيصلي جي قانوني نقطن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندي اسين سمجهون ٿا ته ملڪي عدالتي تاريخ اهڙن فيصلن سان ڀري پئي آهي جن هن ملڪ جي سياسي تاريخ تي گهرا اثر ڇڏيا.  اهڙا فيصلا جن سياسي منظرنامي تي ڀونچال آڻي ڇڏيو ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين انهن فيصلن جا اثر ملڪي تاريخ مٿان نمايان رهيا. اسان وٽ پي سي او هيٺ ڪيل فيصلن کان وٺي مارشلائن کي آئيني جواز فراهم تائين جا فيصلا هجن يا ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڏنل ڦاهي جي سزا وارو فيصلو هجي، اهي فيصلا نه رڳو عوام ۾ ڪا قبوليت حاصل ڪري نه سگهيا آهن پر ملڪي حوالي سان پڻ بگاڙ جو سبب بڻجندا آيا آهن.

هن وقت ملڪ جيڪو اڳ ئي گهڻ طرفن بحرانن ۾ ڦاٿل آهي، جتي سڀ کان وڏو ۽ سنگين معاملو ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، اهو هڪ مسئلو ئي اهڙو آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ لاءِ سڀني مسئلن جي ماءُ تصور ڪيو ويندو آهي. جڏهن هي ملڪ تيزي سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کان محروم ٿيندو هجي، جتي آءِ ايم ايف جون انتهائي سخت شرطون ۽ ٻئي پاسي معاشي بحران مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪا ٺوس ۽ واضع پاليسي نه هجي ته ان صورتحال ۾ ڪنهن به سياسي بحران جو پيدا ٿيڻ يقينن ڪو سٺو سنئوڻ ناهي هوندو. ضروري ناهي ته هر فيصلي جو  فوري رد عمل ماڻهو روڊن رستن تي اچي ڪن، ڪڏهن ڪڏهن عوام جي اندر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مختلف شڪلين ۽ مختلف وقتن تي ظاهر ٿيندو آهي. پي ٽي آءِ جي موجوده حڪومت جيڪا عوام سان ڪيل بيشمار واعدن جو ڀرم ته نه رکي سگهي آهي پر انيڪ مسئلن مان ڪنهن هڪ ۾ به کين رليف ڏيئي نه سگهي آهي پر ان باوجود به اها بضد آهي ته احتساب سڀني جو ڪيو ويندو. احتساب وارو اهو نعرو ماضيءَ ۾ به لڳندو رهيو آهي پر پوءِ سڀني کي خبر آهي ته اهو احتساب ڪيئن بدترين انتقام ۾ بدلجندو رهيو آهي. رڳو سياستدان ئي هجن ٿا جيڪي احتساب نالي واري ڪاتي جي هيٺان ايندا رهن ٿا پر  ماڻهن جو چوڻ آهي ته رڳو سياستدان ئي نه پر ٻيا ادارن جا ماڻهو به آهن جن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان پاڻ وٽ ”سليڪٽو اڪائونٽيبلٽي“ جي تاريخ حاوي رهي آهي.

هن وقت ملڪ  کي معاشي استحڪام سان گڏ سياسي استحڪام جي به ضرورت آهي ۽ اسين سمجهون ٿا ته سياسي استحڪام سان ئي ملڪ معاشي طور مستحڪم ٿيندا آهن، سياسي عدم استحڪام سبب سيڙپڪاريءَ تي به ناڪاري اثر پوندا آهن ته ملڪي ساک تي به فرق پوندو آهي، جيڪا اڳ ئي ڪا چڱي ناهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ترجيحون طئي ٿيڻ گهرجن ته جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن ماضيءَ مان ڪجهه سکيو آهي ته پهرين ترجيحون طئي گهرجن، پهرين ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين جي مشاورت سان درپيش چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي واضع حڪمت عملي جوڙي وڃي، عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم کنيا وڃن، شفاف ۽ حقيقي احتساب جو مڪينزم جوڙيو وڃي.

 

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of