fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ماٿيلي ۾ ڳوٺاڻن جو يوسي چيئرمين خلاف مظاهرو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي جي آفيس آڏو گھوٽڪي جي ڳوٺاڻن پاران يو سي چيئر مين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ڳوٺ گاهي سندراڻي جي رھواسي ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي وڏيري خلاف نعرا ھنيا, ان موقعي تي ڳوٺاڻن قلندربخش سندراڻي, ڪمال الدين, مسمات سسئي ۽ ٻين چيو ته ڪشمور واسي بااثر وڏيري ۽ يوسي چيئرمين شفقت عرف شفلو سندراڻي سندن خلاف ظلمن جي انتھا ڪري ڇڏي آھي, ڳوٺاڻن الزام ھنيو ته ڄاڻايل وڏيرو اسان جو 12 ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جي واڍي ڪرڻ نه ٿو ڏي, ان کان علاوھ ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان شمس الدين کي اغوا ڪري کڻي ويو جنھن کي ھڪ ڏينھن تائين يرغمال بڻائڻ بعد آزاد ڪيو, ھنن چيو تـ وڏيري سندن مٿان ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪوڙيون ايف آء آرون پڻ داخل ڪرايون آھن, ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته وڏيري خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.