fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سيتاروڊ: آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف سڪل شاخ ۾ بيهي احتجاج

سيتاروڊ(ن پ ا) جوهي برانچ ۽ بيگو ديرو شاخ جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف سڪل شاخ ۾ بيهي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو.
آبادگارن يعقوب کوسو، عبدالهادي کونهارو، مظھر علي چانڊيو، مشھور ميمڻ، سليمان سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جوهي برانچ جي سڪل پيٽ ۾ بيهي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن بعد سيتاروڊ جي مختلف رستن تان مارچ ڪندي هڪ آفيس جي سامهون ڌرڻو هنيو.
آبادگار اڳواڻن چيو ته جوهي برانچ ۽ بيگو ديرو شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف گذريل هڪ سال کان دانهي رهيا آھيون پر ڪير به دانهن ورنائڻ وارو ڪو ناهي، پاڻي نه هجڻ سبب اسان جون زمينون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن ۽ اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.
آبادگارن چتاءُ ڏنو ته پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي پاڻي جي فراهمي يقيني نه بڻائي وئي ته احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي

Bookmark the permalink.