ميرپور ماٿيلو: مقتول ساجد جي ڀاء ديدار علي ڪلوڙ “پنهنجي اخبار”جي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جي جاچ مان تر جيترا به مطمئن نه آھيون، پوليس قتل جي 35 ڏينھن بعد اسان کي ٻڌايو ته مقتول ساجد ڪلوڙ جي منڍي ھٿ آئي آھي، پر جتان منڍي ھٿ اچڻ جو ٻڌايو ويو، اتي ماڻھن جي اچ وڃ ھوندي آھي ۽ ان جڳھه تي ٻار راند ڪندا رھندا آھن، حيران ڪندڙ ڳالھ اھا آھي ته 35 ڏينهن گذري وڃڻ کانپوء اتي منڍي کي صرف پوليس اھلڪارن ڏٺو ۽ کڻي ٿاڻي تي رکيو. ھنن چيو ته جھڙي طريقي سان منڍي ھٿ اچڻ جي دعوا ڪئي وئي ان مان لڳي ٿو ته ھي منڍي اسان جي ڀاء جي نه آھي هن چيو ته جنھن شام جو منڍي ملي پوليس اسان تي زور رکيو ته فوري منڍي کي وڃي دفنايو اسان مطمئن نه ٿيا سون ۽ اھا وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.