
اتر جي اوت ۾ هير هندورو بڻيل ، لاڙ جي ويراڳي رات جو وجود وطن ۾ بي وطن مسافر جيان هاڻي ڦٿڪي ٿو .ائين ناهي ته نيريڙيءَ هٿان پرن پويان سورج جا پاڇا پکيڙي اڏامن ڪونه ٿيون يا ڪو سارين جا سونا سنگَ سڄڻ جي ياد نه ٿا ڏيارين .زندگي پنهنجي معمول موجب نديءَ جي وهڪري جيان وهي ٿي پر سانوري سامونڊين جي اکين جو پاڻي دريا جي پيٽ جيان ڀڙِڀانگ آهي .جتي رڳو اڻ پورن وعدن جي واري ٿي اڏامي . ساحل جا هي وسندڙ ويڙها هاڻي خالي گهرن جو اوسيئڙو آراپين ٿيا . گهر خالي ٿي ويا آهن ، چُلها اجهامندي ڏينهن گذري ويا آهن .
لاکي پير جون مٽيءَ هاڻيون گهٽيون مال جي چڙن ۽ شام ويلي واپس وٿاڻن ڏي موٽندڙ ڌنارن جي هوڪرن لاءِ سڪن ٿيون .
انصاف جي ڪاري دور ۾ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌل انصاف جي ديويءَ کي اها اڃ نظر ڪانه ٿي اچي جيڪا ميلن جا ميل پاڻيءَ لاءِ پنڌ ڪندڙ عورتن ۽ ٻارڙن جي سُڪي ٺوٺ ٿيل چپن مٿي رقص ڪري ٿي .
ڊسمبر جي چانڊوڪين ۾ مچندڙ لاڙ جا ميلا هاڻي بادشاهه جي ڳالهه بڻجي ويا آهن لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي ،خوشي ۽ خريد اجڙيل ڏيهه واسين کان موڪلائي وئي آهي .
مهراڻ جون ٻئي ڪنڌيون جن ماڻهن لاءِ جنت الفردوس نه رهيون آهن ، هي ڊسمبر جو درد ناڪ وڇوڙو انهن جي بي نام درد جو مرثيو آهي .
مون کي عاشق انصاري جهڙي يارجي ڀرپور ٽهڪن جهڙو بدين شهر الائي ته ڇو بي رنگ لڳي ٿو ، ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن اياز جي غزلن ۾ گم ٿي ويو آهي ۽ سجاول جون سڀ بازارون حسن درس جي اڀيچند اکين ۾ سرمد جي سوڳ جيان ٿيون لڳن .
پاڻي جيڪو زندگي آهي ، سو هنن پٽن تان رونقون ۽ رنگ کڻي ويو آهي ، معدني وسيلن سان مالا مال ۽ قدرتي حسن جو شاهڪار هي علائقو ڄڻ ته سڪرات ۾ پيل ڪو لاوارث مريض هجي .
خبر نه آهي ته هي ماڻهو ڪنهن جا آهن ؟ڪو ٻڌائيندو ته هي زمين ڪنهن جي آهي ؟ No man land………. صاحبِ اقتدار ڌرين کي هنن علائقن جي سٻاجهڙن ماڻهن جي معصوم احساسن جي سوداگري ڪرڻ جو فن ته خوب اچي ٿو پر انهن جي زندگي ۾ ڪا تبديلي آڻجي اها سوچ سندن پاسي کان به نه گذري آهي .
هڪ ڊگهو عرصو هتان جي ماڻهن کي اهو سبق پڙهايو ويو ته ”يارن جي يار“ جو هڪ پاسو ئي سندن نڀاڳن نصيبن ۾ پرهه جا پيغام کڻي ايندو ۽ پوءِ جڏهن مال ملڪيتون ۽ محل جڙي راس ٿيا ته وري پاشا جي پوئيواري جا خواب ڏيکاريا ويا .
وفائن ،بيوفائين ، احسان فراموشين ، پاسا بدلائيندڙ سياستدانن ۽ اقتدار جي انتر منتر جادو جنتر ۾ گم ٿي ويل لاڙ جي ماڻهن سان هر ڀيري ”اڍائي اکري “ ٿيندي رهي ، ۽ هي ماڻهو ان سموري راند کي مقدر جو لکيو سمجهي برداشت ڪندا رهيا آهن .
شيخاڻي گهاڙيءَ تي لاڙ جي اجڙيل آثارن تي مجاوري ڪندڙ پوڙهو تاريخدان ، فقير ناٿو لنڊ جَتيءَ سَتيءَ تي لطيف جا فقير گڏ ڪري هر مهيني جي ”سائي سومار“ تي روح جي رفوگري جا جتن به ڪري ٿو ۽ لطيف جي لڄپال لهجي ۾ درياءَ سان شڪايتون به ڪري ٿو .پر بي رحم سياست جي سرڪس ۾ دانهن جا سڀ در بند ٿيل آهن ، جو نظر اچي ٿو ،سامهون ائين ڪجهه به نه ٿو هجي .
سامهون ائين ڪجهه نه ٿو هجي . لومڙ شينهن جي کلَ پائي ”رِنگ ماسٽر “ جي اشارن تي رقص ڪري ٿو . تاريخ پاڻ کي نه ٿي دهرائي . دودي جي للڪار ۽ پنري بڊاماڻي جي واهر وطن جي وادين ۾ ٻيهر نه ٿي گونجي .چنيسر نوان نالا بدلائي لاڙ جي پَٽن تي هر دور جي علاوالدين جي حاڪميت قائم رکيو ويٺا آهن ۽ ڊسمبر جي اداس رات ۾ روپا ماڙيءَ مٿان چنڊُ درد جو سُر سامونڊي آلاپي ٿو .