fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پي ٽي آءِ کي حڪمت عملي بدلائڻي پوندي

سنڌي ۾ چوندا آهن ته اٺ تڏهن ٿي رنا جڏهن ٻورا ٿي سبيا، سڀني سياسي پنڊتن طرفان ڪيل سياسي اڳڪٿين باوجود مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي مفاهمت واري پاليسي ڪم ڪندي نظر نه اچي رهي آهي. ميان نواز شريف جي عدالتي سزا کانپوءِ اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ليڊر شپ سان به ساڳي ڪار ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. سوال اهو آهي ته ڇا مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جنهن حڪمت عملي تحت هلي رهيا هئا، ان کان مختلف ڪائي ٻي حڪمت عملي ممڪنه طور تي مختلف نتيجا ڏئي سگهي ها.
اليڪشن 2018ع کان اڳ اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي رهي هئي ته پردي پٺيان سياسي هدايتڪار قوتون پنهنجي منظور نظر پارٽي کي آڻي هن ڀيري نئين حڪمت عملي ذريعي پاڪستان جي وڏين سياسي جماعتن کي ميدان مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. اهڙي ڪوشش کي روڪڻ لاءِ سياسي طريقا ڪرڻ بجاءِ ٿلهي ليکي ٻنهي سياسي جماعتن طرفان اهو جهڙو ڪر طئي ڪيو ويو هيو ته جيڪي سختيون متوقع هيون انهن تي سمجهوتو ڪري بچاءَ جو رستو ڳوليو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جي اليڪشن ۾ ڪاميابي تي هلڪي ڦلڪي دانهن ڪري ۽ رستو صاف ڪيو ويو. اها حڪمت عملي مسلم ليگ طرفان شايد طئي نه ٿئي ها جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ان معاملي جي سختي کي نطر انداز نه ڪن ها.
هن وقت صورتحال اهڙي نهج تي پهچي چڪي آهي جو ٻئي سياسي جماعتون پنهنجو اخلاقي اثر تقريبن وڃائي چڪيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اهو گهڻو ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ٻئي سياسي جماعتون ڪنهن به احتجاجي سياست جو سوچينديون، يا عملي طور تي احتجاجي سياست ۾ وڃڻ کانپوءِ ڪا بهتر ڪاميابي ماڻي سگهنديون. انهن سببن جي ڪري سياسي طور تي ايندڙ 10 سال ممڪنه طور تي پردي پويان سياسي هدايتڪاري جاري رهندي ۽ ملڪ ۾ نالي ماتر جمهوري سلسلو جاري رهندو.
پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ اڳيان مختلف چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ واري صورتحال ان ڪري به مشڪل هوندي، ڇوته پي ٽي آءِ سان سياسي ڀاڱي ڀائيواري سبب نهايت مشڪل فيصلا سامهون اچي سگهن ٿا جنهن ڪري ايندڙ صورتحال ۾ ملڪ ۾ بين الصوبائي طور تي سياسي پولرائزيشن جا امڪان نهايت چٽا نظر اچي رهيا آهن.
ايندڙ حڪومتي دور ۾ اهڙي سموري سياسي صورتحال سبب مختلف سياسي معاملات نظر اچڻ جا امڪان چٽا موجود آهن، مثال طور 18هين ترميم جو خاتمو يا ان ۾ چائنا ڪٽنگ ڪري ان جي شڪل اهڙي ريت بگاڙي سگهجي ٿي، جنهن ۾ 18هين ترميم جو روح ختم ٿي وڃي. اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ اسان سڀ اهو ڏسي رهيا آهيون ته پي ٽي آءِ حڪومت پهرين ٽن مهينن ۾ جنهن طريقي سان غير آئيني، غير قانوني طور تي صوبن جي حصن مان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو،ان جو ڪوبه آئيني ۽ قانوني جواز موجود ناهي. ان کان پهرين پي ٽي آءِ حڪومت طرفان صوبن کي پي ايس ڊي پي جي مد ۾ ملندڙ رقمن ۾ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب سميت سڀني صوبن ۽ سنڌ ۾ تيزي سان هلندڙ ترقياتي منصوبن ۾ تمام گهڻي گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.
پي ٽي آءِ حڪومت طرفان پنهنجي سياسي مينوفيسٽو کي بچائڻ خود هڪڙو وڏو چيلينج هوندو، ڇو ته بنيادي طور تي سياسي ڪردار سبب غربت جي خاتمي لاءِ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي دور ۾ ترقياتي حڪمت عملي جي هلندڙ رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ نهايت گهڻي فنڊز جي ضرورت پوندي. ترقياتي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نه فقط گهريلو ٽئڪسز جي مد ۾ هڪ يقيني اضافي جي ضرورت آهي پر ٻاهرين دوست ملڪن طرفان ملندڙ امداد ۽ قرضن جي صحيح ۽ اهميت جوڳن پروجيڪٽس تي خرچ ڪرڻ سان غربت جي خاتمي ۾ خاطر خواه اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. ان جي برعڪس پي ٽي آءِ حڪومت طرفان گذريل هڪ مهيني دوران 18 انٽرنيشنل اين جي اوز کي ٿڏا ويڙهه جو حڪم ڏيڻ ان ڳالهه جي نفي ڪري رهيو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پارٽنر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ڪافي اُتساهه موجود آهي.
بنيادي طور تي پي ٽي آءِ جون دعوائون هيون ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان جا اربين ڊالرن جا پئسا ٻاهرين ملڪن جي بينڪن مان ڪڍرائي ملڪ جي ڊيولپمينٽ تي خرچ ڪيا ويندا ۽ غير ملڪي قرضن مان هڪ ڌڪ سان جان ڇڏائي ويندي، پر ان جي برعڪس نظر اهو اچي رهيو آهي ته اهڙيون دعوائون نه فقط دعوائون هيون پر ان جو بنيادي طور تي ڪنهن ننڍن فرقن سان حقيقت سان ڪو تعلق نه هيو. نتيجي ۾ هڪڙي اهڙي سياسي پارٽي جيڪا ٻن سياسي پارٽين جو متبادل ٿي سگهي پئي پر اهڙين سياسي حڪمت عملي ۽ کوکلي نعريبازي سبب هڪ ٻي اهڙي سياسي پارٽي ۾ بدلجي ويندي، جيڪا پاڪستان جي عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪامي جو هڪ مثال ٿي سگهي ٿي.
بنيادي طور تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي قيادت جنهن ٽڪراءُ جي سياست کان بچاءُ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پي ٽي آءِ حڪومت طرفان اهڙي ٽڪراءُ واري صورتحال اڻٽر ٿي رهي آهي. اهو عين ممڪن آهي ته هن وقت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ٻئي ڪنهن فوري ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا نه ڪري سگهن، پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايندڙ هڪ سال اندر پي ٽي آءِ جي حڪومتي ناتجريبڪاري سبب پاڪستان ۾ ڊليوري ايتري ته ڪمزور ٿي ويندي جو عوامي اڀار امڪاني حد تائين هڪ شڪل وٺي سگهندو، جنهن کي صرف مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي ليڊ ڪري ۽ پي ٽي آءِ حڪومت کي مجبور ڪري ڇڏين ته هو ڪنهن به صورتحال ۾ يا ته نئين چونڊن طرف وڃن يا هڪ تمام ڪمزور حڪومت طور تي سياسي ڪمزوري جو مظاهرو ڪن.
بهرحال اها ڳالهه قطي طور تي واضح آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي 5 سال حڪومتي مدت پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي بنيادي سياسي حڪمت عملي ۾ هڪ اهم تبديلي آڻڻي پوندي، اهڙي تبديلي جي نتيجي ۾ هڪ سياسي ماحول پيدا ڪري ۽ سياسي سسٽم ۾ ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو واري حڪمت عملي تحت حڪومت جو ڪارونهوار هلائڻو پوندو. پي ٽي آءِ حڪومت کي ايندڙ پنجن سالن دوران تمام وڏي اقتصادي چيلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته هن مهل دنيا سڄي ۾ ڏکڻ ايشيا هڪ اقتصادي حب طور تي ترقي جي تيز رفتار ريجن طور تي سامهون نظر اچي رهيو آهي. ورلڊ بينڪ طرفان جاري ڪيل تازن انگ اکرن موجب ڏکڻ ايشيا تيزي سان ترقي ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هندوستان ۽ بنگلاديش جي جي ڊي پي جا انگ اکر ڏکڻ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نهايت اُڀرندڙ نظر اچي رهيا آهن. بنگلاديش ۽ هندوستان جي جي ڊي پي کي جيڪڏهن ڀيٽائجي ته پاڪستان ان جي مقابلي ۾ تمام گهڻو هيٺين سطح تي ترقي ڪري رهيو آهي، پاڪستان اسٽريٽيجيڪلي هڪ اهڙي خطي ۾ واقع آهي، جنهن جي آس پاس جي ملڪن جي ترقي نهايت شاندار نظر اچي رهي آهي، جتي ماڻهن جي غربت ڏينهون ڏينهن تاريخ بڻجندي نظر اچي رهي آهي، جيڪا انفراسٽرڪچر کان وٺي تعليمي معيارن تائين سٺا انگ اکر ڏيکاري رهي آهي، چين کان وٺي هندوستان، بنگلاديش ۽ اولهه ۾ گلف ملڪن جي ريجن جي ترقي سبب پاڪستان لاءِ اهو نهايت ضروري هجي ٿو ته اهو پنهنجي ايفيشن سياسي سسٽم ذريعي پنهنجي ملڪ ۾ به اهڙي طرح ترقي جو رڪارڊ ٺاهي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي ڏيکاري. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هڪڙي زبردست سياسي سرشتي جي ضرورت هجي ٿي، سياسي سرشتو صرف حڪومت ڪندڙ نه پر حڪومت ۽ اپوزيشن جي فيصلا سازي ترقي جو ضامن ٿي سگهي ٿي، پر اسان جيڪڏهن پاڪستان جي گذريل ٽيهن کان چاليهن سالن جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته اهو نظر اچي رهيو آهي ته سياسي سرشتن جي برعڪس غير سياسي سرشتا بنيادي طور تي اقتصادي معاملن کي وڌيڪ خراب ڪري سياسي سرشتي جي حوالي ڪندا رهيا آهن. مثال طور تي جنرل ضياءَ الحق جي 11 سالن جي مارشل لا جي خاتمي لاءِ 1990ع وارو سمورو ڏهاڪو، جيتوڻيڪ سياسي حڪومتون اقتدار ۾ رهيون، پر انهن 10 سالن دوران پاڪستان جي اقتصادي ترقي پنهنجي تمام هيٺين سطح تي رهي، جڏهن ته سموري دنيا ۾ 1990ع جي ڏهاڪي دوران تمام وڏا اقتصادي ترقي جا مثال موجود آهن. 1990ع واري ڏهاڪي دوران چار حڪومتون تبديل ٿيون،ان جو مطلب ته ايوريج حڪومت جو مدو اڍائي سالن تائين رهيو. بنيادي طور تي ضياءَ الحق جي حڪومت دوران ويلٿ جي ڪنسٽريشن ٿيڻ سبب شهري ۽ ٻهراڙي جي ماڻهن جي انڪم ۾ 35 سيڪڙو تفاوت وڌي وڃڻ سبب پاڪستان ۾ شهري ۽ ٻهراڙي اقتصادي فرق پيدا ٿي چڪو هيو، صنعتي شعبي ۾ وڏي پئماني تي مونو پولي هڪ ڪريڪٽر طور تي اڀاريو ويو جنهن جي ڪري سڄي سسٽم ۾ جيڪو اقتصادي ڀونچال آيو، ان ۾ ٻهراڙي جي عوام جي غربت ۾ واڌارو بنيادي طور تي نظر اچڻ لڳو. ٻئي طرف غربت بين الصوبائي طور تي وڏن فرقن سان ظاهر ٿي رهي هئي، جنهن سبب صوبن وچ ۾ پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ ۽ ورڇ جوڳن فيڪٽرز ۾ هڪ بي اعتمادي پيدا ٿي چڪي هئي.
Rafiq.chandio@gmail.com

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of