
سنڌ ۾ ميلن، جهمرين، جمالن ۽ جيئي جيئي واري جولان بابت امر جليل صاحب جي اختيار ڪيل تنقيدي موقف تي سڄي سنڌ ۾ منجهان هڪ مذمتي طوفان کڙو ٿيو، مذمتون ڪندڙن جليل صاحب جي ڪيل تنقيد کي سنڌ دشمني سان ڀيٽيندي کيس ماٺ ڪرڻ جي صلاح ڏني. منهنجي خيال موجب جليل صاحب جي لهجي ۾ ڀلي ٿوري ڪڙاڻ هجي ۽ سندس لفظن جي چونڊ ۾ ٿورڙي سختي هوندي پر سنڌ ۾ روان دوان ميلائي ڪلچر بابت راءِ ڏيڻ يا ان بابت تنقيدي موقف ڏيڻ ۾ ڪو هرج ناهي ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس موقف غلط يا درست ٿي سگهي ٿو پر ”سنڌ دشمني“ هرگز به ناهي، ڇاڪاڻ جو امر جليل جي سنڌ دوستي بهرحال سندس لافاني ادبي پورهئي جي ڪري هر دور ۾ سنديافته رهندي.
ميلو ، جنهن کي انگريزي ۾ Festival چئبو آهي، اهو رڳو سنڌ نه پر دنيا جي هر خطي ۾ ٿوري گهڻي فرق سان ملهايو ۽ منعقد ڪيو وڃي ٿو، جڏهن کان انسان سماج تشڪيل ڏنو آهي، تڏهن کان سندس زندگي جي خوشي ڀريل موقعن، ڏڻن، رسمن ريتن ۽ اميدن آسرن مهل ٿيندڙ سرگرمي ”ميلي“ جي روپ ۾ هڪ عالمي ورثو آهي، جنهن جي ذريعي مذهبي، سماجي، سياسي، معاشي، فني ۽ ماحولياتي رخن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين تي خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن هزارين سال پراڻي ان سرگرمي تي پابندي لڳائجي ته هوند عظيم حاصلات، معياري تخليق، فن ۽ موسيقي سميت سوين سرچشما سيراب ٿيڻ کان رهجي وڃن ۽ انساني زندگي کي ڏک جا ڏانوڻ چئني پاسن کان جڪڙي ڇڏن. ”ميلو“ جنهن ميلاپ ڏانهن اشارو ڪري ٿو، اهو عيد، فتح، عزم، اجهل احساسن سان مشروط هڪ ڪيفيت ۽ مخصوص وقت جي دائري تائين بهرحال محدود آهي، جيڪڏهن ڪا به قوم ۽ ان جا نمائندا دماغ ”ميلي“ کي مستقل مٿي جو سور بڻائيندي، پنهنجي سماج ۽ زندگي سان لاڳاپيل ٻين اهم شعبن/ پهلوئن کي نظرانداز ڪندا ته ان جو ڏنڊ ڪنهن فرد يا گروهه کي نه پر پوري سماج کي ادا ڪرڻو پوندو. قوم بقا جي ويڙهه، بحرانن جي وڪڙ ۽ غير يقينيءَ جو شڪار هجي ۽ سندس ساڃاهه سمورو ڌيان ۽ وقت ميلن ملاکڙن تي سيڙائي ته ان سان مٿس شديد تباهي جو انديشو بهرحال رهي ٿو.
سنڌ ۾ به امر جليل سميت هر سمجهدار ذهن کي دراصل ميلن ۾ ملاقاتن ۽ خوشي سان ڀرپور سرگرمين تي نه پر ان ۾ ايندڙ مصنوعي ڪاروباري اڀار، بوريت ڀريل ورجاءَ ۽ سستي پبلسٽي تي اعتراض آهن، اسان سڀني کي ياد هوندو ته سنڌ جڏهن ون يونٽ مخالف قوم دوست ۽ ايم آر ڊي جهڙين جمهوريت پسند تحريڪن کان آشنا نه ٿي هئي ته عوامي سماجي سرگرمين جو محور پيرن فقيرن جي عرسن تي لڳندڙ ميلن، مجرن ۽ ناچ گانن تائين محدود هئو، سنڌي عوام جي باوقار سياسي جدوجهد ۽ ادبي حلقن جي لازوال جاکوڙ سبب سنڌ جا ڏڻ، ميلا، مشاعرا ۽ ٻيون تقريبون خوشي سان گڏ اتساهه ۽ جدوجهد جو اهڃاڻ به بڻجي پيون. بزمِ صوفياءِ سنڌ کان وٺي ادبي سنگت تائين بيشمار فورمن وطن جي خوشين کي ان جي سياسي ۽ معاشي خوشحالي سان ڳنڍيندي، لکين عورتن، مردن، ۽ ٻارن کي خوشي جي نون استعارن سان آشنا ڪرايو پر هاڻي محسوس ٿي رهيو آهي ته ڏهاڪن جي ٿيل ان پورهئي کي چند ۽ محدود ماڻهو، پنهنجن انفرادي /گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪندي عظيم تقريبن کي تڪراري ۽ بي معنيٰ بڻائڻ ۾ اڳڀرا آهن. امر جليل سميت هڪ وڏي حلقي طرفان ٿيندڙ تنقيد جي پٺيان به ان نئين لاڙي تي ٿيندڙ ناپسنديدگي جو اظهار آهي، کين لڳي ائين ٿو ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شعور کي ثانوي قسم جي سرگرمين جي تابع ڪندي، کيس پنهنجي قومي ۽ اجتماعي ذميوارين ۽ مستقبل کان پري ڪيو پيو وڃي.
گذريل ڪجهه سالن کان ٿيندڙ انهيءَ صورتحال جو جائزو وٺندي اوهان کي پڻ محسوس ٿيندو ته ان عرصي دوران ميلي- بازيءَ جو مقابلو غير ضروري طور چوٽ چڙهي ويو آهي، ان ۾ شامل فائدي ۽ تشهير وارن پهلوئن هنن سرگرمين جو انتهائي منفي تاثر جوڙڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ميلن ملاکڙن جي طرف حد کان وڌيڪ لاڙو رکندڙن ۽ قوم جي ڀلي لاءِ اهو ڪشٽ ڪندڙن کان پڇڻ ضروري آهي ته قوم لاءِ سندن ڦاٽندڙ هنيانءُ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ شاندار ثقافتي، علمي ۽ تعليمي ڳرُ رکندڙ اسڪول ۽ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ ڏانهن ڇو نه ٿو وري؟ سنڌ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي تخليق ۽ فن سان سلهاڙڻ لاءِ ثقافت کي استعمال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ماحوليات، ڪاروبار، سفر، سياحت ۽ پيشيوراڻي رويي کي سنڌ جي هزارين سال پراڻي سڀيتا سان ڇو نه ٿو جوڙيو وڃي؟، حالانڪه سنڌ جو سمورو ڪلچر بيٺل ئي پورهئي، هنر، ماحوليات ۽ محنت تي آهي. اجرڪ، کيس، لونگي، ٽوپي، ململ جي پٽڪي کان وٺي جنڊي، ڪاشيءَ سميت هزارين دلڪش تخليقن کي صدين کان ٿيندڙ عظيم پورهئي کان پري ڪيو. ميلن، ملاکڙن کي بسنت بهار ۽ سانوڻ سميت موسم کان ڌار ڪيو، جمالن ۽ گيتن کي جنگين کان جدا ڪيو، علم، ادب، شعر ۽ تقرير کي عوامي اهنجن کان پري ڪيو، پوءِ ڏسو عظيم سنڌي ثقافت ڪٿي ٿي بيهي؟
دراصل ثقافت رڳو تفريح جو نالو نه پر قومن جي طرفان زندگي جي مڙني رخن ۾ ٿيندڙ غير معمولي پيش قدمي، زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ ڪيل بي بها پورهئي ۽ مقابلي ميدان ۾ حاصل ڪيل مٿڀرائي جو نالو آهي. موئن جي دڙي کان وٺي مومل جي ماڙي تائين تعميرات ۽ رٿابندي جو شاندار اظهار هجي يا گهريلو استعمال جي شين جي اپت کان وٺي ڏيساور جي ڪاروبار ۾ هلندڙ هُنڊيون، ڪيڪانان جي پهاڙن ۾ نيمروز جي لشڪر سان لڙائي هجي يا کرڙيءَ جو مهاڏو، سي سڀ جانفشاني، اٿاهه محنت، اورچائي ۽ مستقل مزاجي سان ڀرپور سنجيدگي جي نشاني آهن. انهن سڀني عظمتن تي جيئن اسان ميلن ۾ لفظن جا ڏوڪڙ وڃايون ٿا سي عظمتون دراصل ڏوڪڙ وڃائڻ ذريعي نه ماڻيون ويون هيون. موجوده صورتحال ته اها آهي جو ڪجهه شخصيتون نوان وڳا سبرائن ٿيون، ڪو ڀاءُ پرائو، پنهنجو تخليقي وکر هٿ ڪري پاڻ سان منسوب ٿو ڪري، ٻه چار سنگتي پاڻ ۾ ويهي سنڌ جي سورن جو رينگٽ شروع ڪن ٿا، ڪي ڌياڻيون پنهنجي صلاحيت ۽ شعبه جاتي مهارت ذريعي نالو ڪمائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڌيان ڇڪائڻ لاءِ آهه و بُڪا ڪن ٿيون، ڪن کي پنهنجو مقالو، شاعري، اسٽيج نگاري ۽ ٻين تماشن کي هڪ وقت ئي ڏيکارڻ لاءِ بيچيني ٿئي ٿي ۽ پاڻ گهر توڙي ٻارن ٻچن کي عملي طرح سنڌ ۽ ان جي ٻولي توڙي ثقافت کان پرڀرو رکندڙن کي جڏهن اوچتو سنڌي موسيقي ۽ ساهت سان پيار ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ته اسان پڪ سان سمجهي وڃون ٿا ته ادو يا ادي هڪ عدد ميلو منعقد ڪرڻ پيا وڃن. اها به پڪ هوندي آهي ته اهو ميلو سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي سهڪار سان ٿيندو به وڏي شهر ۾. ميلو ڪرائيندڙ چند مائٽ/دوست پاڻ ۾ گڏجي ميلي جا مقرر ۽ مهمان/ اختلاف راءِ رکندڙن ۽ منتظمين جا چڳ وڍيا مريد ٿيندا جيڪي ٻڌندڙن کي اڳ ٻڌل ڳالهيون ۽ گانا ٻڌائي جهومائي ڇڏيندا. سيشن ۾ مهمانن جي ڀرمار سان ٿيندڙ اهي فيسٽيول انهن سرڪاري شخصيتن پاران افتتاح ٿيندا جن کي لکڻين ۾ روز گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن. وڏي ڳالهه ته ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي اڪثريت اندر ۾ هڪٻئي ڏانهن تمام گهڻو ”ٺريل“ هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ميلي بابت سچي راءِ ميلي کان پوءِ ٿيندڙ ڪمينٽس ۽ سوشل ميڊيا پوسٽنگس ذريعي ملندڙ موٽ ۾ نظر ايندي آهي.
عام خيال آهي ته چند بامقصد، شفاف ۽ گڏيل ڀلائي لاءِ ٿيندڙ اجتماعن، ميلن ۽ ملاقاتن کي ڇڏي، باقي ميلي جي نالي ۾ عوام جو رومال ۽ سرڪار جو مال چورائڻ لاءِ لڳايل اهي ٺيلها آهن، جتان هر ڪو پنهنجو نالو کپائڻ ۽ ناڻو ڪمائڻ جي جستجو ۾ لڳل آهي. جيڪڏهن اڪثريت جو مقصد صالح هجي ها ته پوءِ اهي ميلا ۽ مجلسون سنڌ جي وڏن شهرن کانپوءِ بالي شاهه، ڳڙهي خيري، جاتي ۽ جمع ڳوٺ ۾ به ٿين ها، جتان جي واسين کي اهڙين سرگرمين جي وڌيڪ ضرورت آهي. انهن ميلن مان شاندار ۽ يادگار تحريرون، تقريرون، ۽ پرفارمنس ملن ها، نه ڪي ورجاءِ، رٽي ۽ قلابازين سان ڀرپور فنڪاري! ميلي جا منتظيمن KLF واري امينه سيد وانگر پردي جي پٺيان ويهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ها، نه ڪي جهمرين ۽ جمالن کان وٺي فڪر انگيز مقالن تائين ”سڀ کان پهرين مان“ جي ٻولي ٻولين ها. ميلي لاءِ مليل رقم ۽ ٻي حاصلات پبلڪ سان شيئر ٿئي ها، نه ڪي سرڪاري کاتن ۽ جوڙي والن سان لڪ لڪوٽيءَ ۾ حصن پتين ۾ ونڊجي ها.
تنهنڪري سمجهڻ کپي ته ”ميلي“ جهڙي لاڀائتي عمل (Institution) تي ٿيندڙ تنقيد ان جي بنيادي تصور، تحريڪ يا جوهر جي حوالي سان ناهي، ڇاڪاڻ جو ان عمل ذريعي انيڪ خوبصورتيون، صلاحيتون، عجائبات ۽ ٻيو ثقافتي ورثو گڏائي موسيقي، مزاح، شاعري، ناٽڪ، فلم، داستان گوئي ۽ روزاني زندگي جي بيشمار حسناڪين کي هاڪاري رخ ۾ کڻي هلجي ٿو. علم، تحقيق، ايجاد ۽ فن جي روشن ڏياٽين کي پڻ عوامي احساسن سان ملائي سندن بهترين تربيت ۽ تعليم ڪري سگهجي ٿي. اهڙي نفيس ۽ شاندار سرگرميءَ کي ڪابه ڌر جڏهن ”لاهوتي شربت واري“ جيان واڪ جو وکر بڻائي خواهشن ۽ لالچن جي ٺيلهي تي رکي ٿي، تڏهن سماج جو ذميوار ۽ عوامي ڀلي سان واڳيل حلقو ميلي بابت ”اياز“ جي هنن سٽن کي ته ذهن ۾ ضرور ويچاريندو؛
”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو،
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟!!“