fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنچورين ٽيسٽ جو پهريون ڏينھن بالرن جي نانءُ : ڏکڻ آفريقا جي اڌ ٽيم 127 تي آئوٽ، پاڪستاني ٽيم 181 رنسون ٺاھي سگھي

پهرين اننگ ۾ محمد عامر ۽ شاهين آفريدي 2-2 شڪار ڪيا، حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي

سنچورين: (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستان جي سڄي ٽيم 181 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي اڌ ٽيم به 127 رنسن تي پويلين موٽي.
سينچورين ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جي پهرين ڏينهن بيٽسمين بالرن آڏو ڄمي کيڏڻ ۾ ناڪام ويا. پاڪستاني ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني بيٽسمين ڏکڻ آفريقا جي بالرن آڏو نه بيهي سگهيا، سموري ٽيم 181 رنسن تي پويلين ڀيڙي ٿي.
ڪپتان سرفراز احمد ۽ اوپننگ بيٽسمين امام الحق بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته اظهر علي 36، فخر زمان 12، شان مسعود 19، اسد شفيق 7، ياسر شاهه 4 ۽ محمد عامر هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا.
بابر اعظم ۽ حسن علي نائين وڪيٽ تي 67 رنسن جي ڀائيواري جوڙي، جڏهن ته 178 رنسن جي ڪل اسڪور تي بابر اعظم 71 رنسن تي ربادا جو شڪار بڻيو. پاڪستان جي آخري وڪيٽ 181 رنسن تي شاهين آفريدي جي ڪري.
پاڪستان طرفان پهرين اننگ ۾ بابر اعظم 71، اظهر علي 36 ۽ حسن علي 21 رنسن ٺاهي نمايان رهيا. ٻي پاسي ڏکڻ آفريقا طرفان ڊيان اوليور شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 6 شڪار ڪيا، جڏهن ته ڪگيسو رابادا 3 ۽ ڊيل اسٽين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پهرين اننگ جي شروعات ۾ ڏکڻ آفريقي اوپنر محتاط راند کيڏي، پر 30 رنسن بعد وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿي ويون، اهڙي طرح ڏکڻ آفريقا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون. اوپنر مرڪرام 12 رنسن تي حسن جو شڪار بڻيو، اليگر کي 22 رنسن تي شاهين آفريدي پويلين ڀيڙو ڪيو. جنهن بعد ٽي بي برون 29 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. هاشم آملا به 8 رنسن تي پويلين موٽيو. ڏکڻ آفريقي ڪپتان فاف دوپليسي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي شاهين آفريدي جو شڪار بڻيو. پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ڏکڻ آفريقا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون. باووما 38 رنسن ۽ ڊيل اسٽين 13 رنسن تان سڀاڻي ٻي ڏينهن جي راند شروع ڪندا.

Bookmark the permalink.