
پير جوڳوٺ (رپورٽ: بلاول جوڻيجو) صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه بيماري جي بستري ڀيڙو ٿيويو آهي، غربت سبب علاج ڪرائڻ کان به لاچار آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو مشهور صوفي راڳي “مان جوئي آهيان سوئي آهيان” “گھنڊ کول ديدار ويکائو مين آيا مک ويکڻ” مشهور ڪلام چئي شهرت جي بلندين تائين پهچندڙ سيد موٽڻ شاهه گذريل 4 سالن کان وٺي بيماري ڪري هن ڳائڻ ڇڏي ڏنو آهي. سيد موٽڻ شاهه جي پٽ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته کيس باٿ روم تائين سهارو ڏئي آندو وڃي ٿو. هن چيو ته بابا جي سخت بيمار ٿيڻ ڪري سخت پريشان آهيون ۽ مسڪين ٿي وڃڻ ڪري هن جو علاج به نه ٿا ڪرائي سگھون.
موٽڻ شاهه سنڌي، اردو، پشتو، سرائڪي، فارسي ٻولين ۾ گيت ڳايا
پير جوڳوٺ: سنڌ جي مشهور صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه پنجن ٻولين سنڌي، اردو، پڇتو، سرائڪي، فارسي زبانن ۾ گيت ڳايا جيڪي اڄ به مشهور آهن. صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو جيڪو مقامي سطح تي ٿيندڙ محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ بعد ۾ مشهور صوفي راڳي استاد غلام حسين خاصخيلي کان سکيا وٺي راڳ جي دنيا ۾ باقائدي پير پاتو.
صوفي راڳي موٽڻ شاهه لطيف ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز ماڻي چڪو
پير جوڳوٺ: راڳ جي دنيا مڃتا ماڻيندڙ مشهور صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا آهن جن ۾ وڏو وزير ايوارڊ، گورنر ايوارڊ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا جيڪي هن وقت گھر جي ميز تي سجايل آهن، ايوارڊن جي باري ۾ پڇيل جي سوال جي جواب ۾ سيد موٽڻ شاهه نماڻي آواز ۾ چوي ٿو ته اهي مليل ايوارڊ منهنجي زندگي جو ته حصو ضرور آهن پر اهي پيٽ جي بک اجھائي نه ٿا سگھن انهن ايوارڊن کي ڏسي اکين ۾ لڙڪ لڙي ايندا آهن.