
حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو)عشق نه پڇي ذات، عشق انڌو آهي، اهي ڳالهيون ته بظاهر ڪتابي ڳالهيون معلوم ٿيون، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي ڳالهيون حقيقت جو روپ ڌاري ماڻهو جي سامهون به اچي بيهي رهن ٿيون، ناري عائشه جيڪا باگڙياڻي هئي ۽ نوجوان طالش علي ملڪ سان مسلمان ٿي شادي ڪري ڇڏي آهي، هن جوڙي جو پاڻ ۾ واسطو ٽي سال اڳ شروع ٿيو هو، جنهن بعد انهن پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي، هاڻي کين ٻن سالن جي نياڻي زينب به آهي، طالش علي ٻڌايو ته سندس زال ڀڳواني جيڪا هاڻي عائشه آهي، ڄنگهن کان معذور آهي ۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، سندس مائٽ کيس پنڻ لاءِ راڻي باغ ۾ ڇڏي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏينهن جا ڏينهن راڻي باغ ۾ پئي هوندي هئي، آئون راڻي باغ ۾بوتلن ۽ جوس جو ريڙهو هڻندو هوس،هن جي مرڪ مونکي موهي وڌو ۽ نيٺ ساڻس شادي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويس،عائشه ڄنگهن کان معذور آهي، هوءِ ويل چيئر تي گهمي ڦري ٿي، سندس مڙس ان کي ڏومرا ڳوٺ قاسم آباد جي جهڳين مان روز ويل چيئر تي کڻي راڻي باغ ايندو آهي، عائشه شادي کانپوءِ پنڻ ته ڇڏي ڏنو آهي، پر هو راڻي باغ ۾ ٻارن جون شيون بحرحال وڪرو ڪري ٿي.