
نواب شاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) سڪرنڊ واسي نوجوان فقير صابر مڱڻهار جو هونئن ته قد ڏيڍ فُٽ آهي پر سندس خواهشن توڙي شوق جو نه ته ڪو قد آهي ۽ نه ئي ڪا حد آهي. فقير صابر شادين ۽ ميلن ۾ دُهل وڄائي گهر جو گاڏو هلائيندو آهي. نوجوان جو چوڻ آهي ته سندس والد حجامڪو ڪم ڪري گهر هلائيندو هو، پر هاڻ هو پيرسن ٿي ويو آهي، تنهن ڪري گهڻو ڪم نٿو ڪري سگهي ۽ هو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي نوجوان صابر چيو ته ڊگهي عرصي کان پنهنجي لاءِ ڪنوار جي ڳولا ۾ آهيان پر اڃا تائين مون کي جيون ساٿي نه مليو آهي. دعا آهي ته جڏهن به شادي ڪريان ته بلاول ڀٽو زرداري ڪاڄ ۾ شريڪ ٿئي. فقير صابر مڱڻهار جي دعويٰ آهي ته هو دنيا ۾ سڀ کان ننڍي قد وارو ماڻهو آهي، منهنجو نالو گنيز بُڪ آف دي ورلڊ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. نوجوان وڌيڪ چيو ته ننڍو قد هجڻ ڪري پاڙي جون عورتون کيس ڌاڳو ڦيڻو ڪرڻ لاءِ چونديون آهن ۽ هوءِ به ڪنهن کي خالي ناهي موٽائيندو. نوجوان سنڌ سرڪار، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته سندس ايتري سهائتا ڪئي وڃي جو پنهنجي گهر ۾ رهي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪري سگهي ۽ پيٽ گذر ڪري سگهي. امڙ مسلسل بيمار رهي ٿي پر علاج لاءِ پئسا ناهن ۽ ڀيڻ ڀاءُ کي به تعليم نه ڏياري سگهيو آهيان. ننڍڙي قد واري هِن نوجوان سان الميو اهو به آهي ته نادرا اختياريون کيس سڃاڻپ ڪارڊ نٿيون ٺاهي ڏين. نادرا جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته مون کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنو وڃي.