fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڪشمور ۾ ڪار جو ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، ٻه ڄڻا فوت،5 زخمي

ڪشمور(ن پ ا)ڪشمور ويجهو روجھان انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ روڊ حادثو، ڪار ۽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا،ان ڏس ۾ ڪشمور ويجهو روجھان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جي ٻن موٽرسائيڪلن کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪشمور واسي 45 ورھين جو ماستر نور احمد گولاٽو ۽ 30 سالن جو بڊاڻي واسي شھزادو چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته حادثي ۾ 2 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي روجھان جي اسپتال نيو ويو،جڏهن فوتي ڪشمور واسي نور احمد گولاٽو ۽ بڊاڻي جي رھواسي شھزادو چاچڙ جو لاش اباڻي ڳوٺ پھچايو ويو، حادثي بعد روجھان پوليس ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ڪار ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ،حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش گهرن ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ،اھڙي واقعي سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

Bookmark the permalink.