fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پريانڪا جو ور نڪ جوناس سال 2018 جي فيشني شخصيت قرار

جي او رسالي نڪ جوناس کي سال جي اسٽائلش شخص جي اعزاز سان نوازيو

نڪ جوناس ۽ پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جو ور نڪ جوناس کي 2018 جي اسٽائلش شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب جي او ميگزين نڪ جوناس کي 2018 جو سڀ کان اسٽائلش شخص جو اعزاز ڏنو آهي.
نڪ جوناس اهو اعزاز 64 ماڻهن کي هارائي ماڻيو، گذريل سال اهو اعزاز پريانڪا چوپڙا جي ويجهي دوست ڊيوڊ جانسن کي مليو هو.
مڙس کي اهو اعزاز ملڻ تي اداڪار پريانڪا چوپڙا انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ ور نڪ جوناس جي تصوير به جاري ڪئي. تصوير سان گڏ پريانڪا پنهنجي مڙس جي واکاڻ به ڪئي.

Bookmark the permalink.