fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سلمان خان کي ميگا فلمن جي ناڪامي جي ڊپ وڪوڙي ورتو

سلمان نئين فلم ڀارت جي بجيٽ 150 مان گهٽائي 80 ڪروڙ تائين رکڻ جي هدايت ڪئي

بالي ووڊ جو سلطان سلمان خان

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان کي به فلمون فلاپ ٿيڻ جو ڊپ ٿيڻ لڳو. سلمان پراڊڪشن ٽيم کي پنهنجي ايندڙ فلم ”ڀارت“ جي بجيٽ گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
فلمن جي ناڪامي جو خوف سپر اسٽار سلمان خان کي وڪوڙي ويو، سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم ڀارت جي پراڊڪشن ٽيم کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته فلم جي بجيٽ جيتري ٿي سگهي، گهٽ ڪئي وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب سلمان خان ۽ ڪترينه ڪيف جي فلم “ڀارت” جي بجيٽ 150 ڪروڙ کان وڌيڪ هئي، پر هاڻي سلمان خان فلم جي بجيٽ 80 ڪروڙ تائين رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، ته جيئن فلم جي ناڪامي جي صورت ۾ گهٽ نقصان برداشت ڪرڻو پوي.

Bookmark the permalink.