fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

وزيراعظم پاران علي رضا عابدي جي قتل تي ڏک جو اظھار، رپورٽ طلب

وزيراعظم ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي قتل تي گھري ڏک جو اظھار ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي

حڪمران پارٽي، مملڪتي گھرو وزير، گورنر سنڌ عمران اسماعيل پاران بھ مذمت، شفاف جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل جي مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو آھي. وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان موجب وزير اعظم عمران خان ايم ڪيو ايم اڳواڻ علي رضا عابدي جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ واقعي جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آھي. جڏھن تھ تحريڪ انصاف ۽ن ليگ واقعي جي مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جو مطالبو ڪيو آھي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل ارشد داد پاران جاري ڪيل بيان ۾ واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب پڻ علي رضا عابدي جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي. مملڪتي گھرو وزير شھريار آفريدي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ واقعي تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي.

Bookmark the permalink.