اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبا بندي سڌارن واري وزارت ميڊيا ۾ جاري سي پيڪ جي حوالي سان پاڪستان جي مٿان 40 ارب ڊالر قرض باب رپورٽ غلط ڄاڻ تي ٻڌل ۽ ڪوڙي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. منصوبابندي واري وزارت ۾ سي پيڪ جي فوڪل پرسن حسن دائود جو چوڻ هو ته سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ جو فيلگ شپ ۽ انتهائي فعال منصوبو آهي جڏهن ته سي پيڪ جا مالي معاملا حڪومتن جي وچ ۾ قرضن، خانگي سيڙپڪاري ۽ گرانٽس تي ٻڌل هوندا آهن. هن ٻڌايو ته هن وقت 22 منصوبا مڪمل ٿيڻ وارن مختلف مرحلن ۾ آهن ۽ ان ۾ پاڪستان حڪومت جي مٿان رڳو 6 ارب ڊالر جون رهتون آهن جيڪي گهٽ شرح جي وياجي قرضن ۽ انفرااسٽريڪچر منصوبن ۾ گرانٽس تي ٻڌل آهن. هن چيو ته قرض ادائيگي جو مدو 20 کان 25 سالن تائين آهي، ان ڪري پاڪستان جي ذمي 40 ارب ڊالرن جي رهتن جو تاثر ڪوڙ تي ٻڌل آهي، بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي. هن چيو ته توانائي جا منصوبا آءِ پي پيز جي تحت مڪمل ڪيا پيا وڃن ۽ انهن جي لاءِ سموري مالي امداد جي فراهمي خانگي ڪمپني جي ذميواري آهي.