fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ابرار الحق به ٽڪيٽ ڪٽائي لائين ۾ لڳي ويو، صلاحڪاري ملڻ جو امڪان

لاهور (م ڊ) مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ابرار الحق کي وزيراعظم جو ثقافتي صلاحڪار جو عهدو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ابرار الحق ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. جنهن بعد کيس ثقافت کاتي جي صلاحڪار جي عهدي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو امڪان آهي. ابرار الحق پاڪستان ۾ پنهنجي فن گلوڪاري سبب تمام گهڻي مشهوري ماڻي، جڏهن ته گلوڪاري سان گڏ هن سياست به پير رکيو. هاڻي هو پاڪستان جي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف سان سلهاڙيل آهي. سندس سڀ کان مشهور ڪلام “اسان تي جاڻا بلو دي گھر، ٽڪيٽ ڪٽائو، لين بڻائو” هو، جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.