گرهوڙ شريف (ن پ ا ) شھيدعبدالرحيم گرهوڙي جي درگاه جي حوالي سان مشھور سنڌڙي تعلقي جو شھر گرھوڙ شريف بنيادي سھوليتن کان وانجھيل. 15 هزار جي آبادي جو شهر گرهوڙ شريف بنيادي مسئلن جي ور چڙھيل. سهولتن کان محروم درگاه گرهوڙشريف جي مزار تي ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو. سانگهڙ ميرپورخاص جي قومي توڙي صوبائي سيٽن تي چونڊ وڙھندڙ اميدوار درگاه گرهوڙ شريف تي حاضري ڀرڻ کان پوء پنھنجي چونڊ مھم شروع ڪندا آھن پر اليڪشن ۾ ڪاميابي کان پوء ھن درگاه توڙي شھر تي ڪوبه توجھھ ڏيڻ لاء تيار نه آھي جنهن ڪري هي تاريخي شھر هن وقت کنڊرات وارو ڏيک ڏي ٿو. هن شھر ۾ گذريل 10 سالن کان ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو چونڊيل نمائندن عوام سان وعدا ڪيا جيڪي پڻ وفا نه ٿي سگهيا. درگاه گرهوڙ شريف تي هر نئين چنڊ جي پهرين سومر تي سائو سومر جي ڏينهن ميلو پڻ لڳندو آھي جتي هزارين زائرين مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار درگاه تي حاضري ڀرڻ لاء پنجاب، بلوچستان سميت ٻين صوبن کان حاضري ڀرڻ ايندا آھن پر درگاه جو مسافرخانو توڙي پيئڻ جي پاڻي جي حوالي سان انھن کي وڏي مشڪلات کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.