fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڇا بينظير ڀٽو جي قرباني سندس پارٽيءَ جي بقا جو سبب بڻجي سگهي ٿي؟

27 هين ڊسمبر اسان جي ٽهيءَ جي روح ۾ ڪنهن لوهي ميخ وانگر کتل رهڻي آهي، ايئن جيئن پئرس جي نازي گهيراءُ تي سارتر جي لکيل شهره آفاق ٽريالوجيءَ مان هڪ ناول جو عنوان ئي ‘Iron in the soul’ آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ دوران مان ڪو ستن يا اٺن سالن جو هوس ۽ ياد آهي ته ان ڏيهاڙي اسان جي گهر ڪجهه نه پڪو هو. گهر ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هو. اهو راڪاس 11 سالن تائين سنڌ جي گهر گهر ۾ هو. 17هين آگسٽ 88ع تائين جڏهن اوچتو اسان جي ڳوٺ ۾ دهل شرنايون وڄڻ شروع ٿي ويون، چي، راڪاس مري چڪو آهي! جيسين اظهر لوڌي پي ٽي ويءَ تي اعلان نه ڪيو تيسين اسان کي يقين نه ٿي آيو. ضياءَ الحق مري ويو پر ان جي باقيات لاءِ محترمه 18 هين آڪٽوبر واري سانحي مان ذري تان بچي وڃڻ کانپوءِ بلاول هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته، ضياءَ جي باقيات مون تي حملو ڪرايو آهي. ڇا عجب جو بي بيءَ جيڪي 3 نالا مشرف کي خط ۾ لکي اماڻيا هئا ته کيس اهي مارائڻ چاهين ٿا، انهن مان هڪڙو پوءِ سندس رت جي ريج تي جڙيل حڪومت ۾ ڊپٽي وزيراعظم بڻايو ويو.
مون کي ياد آهي جڏهن 88ع ۾ بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين نوجوان خاتون وزيراعظم طور حلف کڻڻ لاءِ ايوان صدر ۾ سبز قميص ۽ سفيد رئي ۾ نمودار ٿي هئي ته هن جي چپن تي موناليزا جهڙي مرڪ هئي ۽ هن جي ڀر ۾ هن کان حلف کڻائڻ وارو ڀڏو صدر غلام اسحاق خان بيٺل هو. بي بيءَ جي چهري تي هڪ بيمثل مرڪ هئي ۽ غلام اسحاق خان جو چهرو سپاٽ ۽ بي رنگ هو. ايوان صدر ۾ جڏهن ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو لڳو هو اسان کي محسوس ٿيو ڄڻ طويل ڪاري رات کانپوءِ پرهه ڦٽي آهي، هڪ نئون پاڪستان اسان جي انتظار ۾ آهي. ڏاڍو جلد اهڙي خوشفهمي ڀيانڪ خواب ۾ تبديل ٿي وئي جڏهن محض 18 مهينن ۾ هن جي حڪومت ختم ڪئي وئي.
هن کي ايترن اختيارن واري حڪومت ڪرڻ ڏني وئي جهڙي هرڻيءَ کي ڪوڙڪيءَ ۾ هوندي آهي. هڪ پاسي اسحاق خان ته ٻئي پاسي جنرل حميد گل ۽ ٽئين پاسي صاحبزاده يعقوب خان… مون کي ياد آهي ته هيرالڊ ان وقت ڪور اسٽوري ۾ ٽائيٽل صفحي تي تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اسلم بيگ جو فوٽو ڏنو هو جنهن جي اکين تي ڪارو چشمو لڳل هوندو آهي جن مان هڪ اک جي گلاس ۾ صدر اسحاق جو فوٽو ته ٻئي اک جي گلاس ۾ بي بي جو فوٽو هو. مطلب ته، ”ٻئي اک ۾ آهيو“.
هيءَ پاڪستاني سياست ۽ مغل شهنشاهيت ۾ ٿورو ئي ته فرق آهي جنهن ۾ بادشاهه ڪي ٻيا آهن ۽ پاور جي باره دريءَ مان ويٺا نظارو ڪن! هيٺ رعايا آهي ۽ انهن جا نمائندا آهن، اليڪشنن جا غل غپاڙا آهن، سياست جا رکوالا ۽ پيالا آهن پر اختيار ته وري به باره دريءَ مان نظارو ڪندڙن وٽ آهي. بي بي بيءَ کي سڄي خبر هئي. هن پوري ضياءَ دور توڻي پوءِ واري اقتداري ۽ مخالف ڌر واري سياست ايئن ڪئي هئي جيئن نانگ جي ٻِر مان آنا ڪڍڻ. هوءَ عورت هئي پر هوءَ مليحه لوڌي نه هئي. هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءُ هئي ۽ ٻن جنگي گوريلن جي ڀيڻ هئي. هن لاءِ هڪڙو ضياءَ ته 17 هين آگسٽ تي اياز جي لفظن ۾، ”ڦاٽي مئو“ پر دراصل ان کانپوءِ ڪيئي ضياءَ خطرناڪ باقيات جي صورت ۾ جنم وٺي ڇا پر جوان ٿي چڪا هئا. مهراڻ گيٽ اسڪينڊل جي زماني ۾ اسان جرنلزم جي ابتدا ڪئي. مهراڻ گيٽ اسڪينڊل کان ميموگيٽ اسڪينڊل تائين اسٽئبلشمينٽ هن ملڪ ۾ ”بي بي مخالف سياست“ کي ميڊيا جي مدد سان ڪيئن جاري رکيو، اسان جو جرنلزم دراصل ان سڄي سلسلي جو عيني گواهه آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن 71ع واري جنگ کانپوءِ ملڪي اقتدار جون واڳون سنڀاليون ۽ ڊسمبر 1971ع ۾ هن جيڪو ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪيو هو، ان ۾ هن قوم سان واعدو ڪيو هو ته هو ٽٽل ملڪ جا ٽڪرا ميڙيندو ۽ ٻيو اهو ته ڊگهي ڪاري رات ختم ٿي چڪي! ان دور جي نوجوان نسل هن تي اعتبار ڪيو هو. تازو نيو جرسيءَ ۾ گذاري ويل انگريزي قلمي دنيا جي دبنگ ڪالم نگار انجم نياز لکيو هو ته جڏهن ڀٽو صاحب جا اهي لفظ اسان جي سماعتن تائين پهتا ته اسان کي لڳو انقلاب اسان جي چائنٺ تي پهچي چڪو. اياز امير لکيو، ”مان لاهور ۾ اڃا فوج ۾ هوس ۽ پاڻ کي خوشقسمت سمجهڻ لڳس ته مان ۽ منهنجو نسل ڪيترو نه خوشقسمت آهي جيڪو ڀٽو صاحب جي دور ۾ وڏو ٿي رهيو آهي.“
پر بينظير ڀٽو هڪ ڊگهي جدوجهد، صبر ۽ پرامن سياست جو نالو آهي. ان ڏس ۾ هن جي جدوجهد جو ڏکڻ ايشيا ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. ڪيئن نه آءِ جي آءِ جوڙي وئي ۽ ڪيئن ان لاءِ شيخ اساما بن لادن مالي مدد ڪئي ۽ ڪيئن هن جو مينڊيٽ هڪ چوري ڪري ۽ ٻيو سينا زوري ڪري ڇنو ويو… نڊر ۽ اڻ ٽر بينظير ڀٽو ان جو ذڪر ڪري قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ روئي ويٺي هئي.
هن جو پيءُ اسلامي دنيا جو معتبر ۽ وڏو ليڊر هو ۽ رات وڳڙي ۾ ڦاهي چاڙهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي موجودگي ۾ وارثن بنا دفنايو ويو هو، هن اهو ڏک ڏٺو ۽ سٺو هو ۽ جيترو هن سخت جيل ڏٺا ميان نواز شريف ۽ مريم نواز ان جو تصور به نه ٿا ڪري سگهن، ان باوجود هوءَ پرامن سياسي جدوجهد ۾ يقين رکندڙ هئي. هن ٻن ڀائرن جا غيرفطري موٽ ڏٺا پر پوءِ به هوءَ نه ڊني، نه ڊٿي. 18هين آڪٽوبر واري ڪارساز حملي ۾ ذري تان بچي وئي پر ڊڄڻ بدران لياري اسپتال هلي وئي ۽ ٻيو شهيدن جي مائرن وٽ ڏک ونڊڻ هلي وئي. اهڙي بينظير پاڪستان ۾ واقعي به بينظير هئي.
هوءَ سندي والد توڻي اندرا گانڌيءَ وانگر انتقام پسند نه هئي. هوءَ معاف ڪري سگهندڙ دل رکندي هئي. هن جو ذهن مغربي تعليم يافتا هو پر هوءَ مشرقي روايتن جي امين ليڊر هئي. هن کي سندي والد جي دور کان وڌيڪ سياڻي ۽ طاقتور اسٽئبلشمينٽ ملي هئي. ڀٽو 5 جولاءِ 77ع تائين هڪڙو طاقتور ترين ليڊر هو ۽ فوج 71ع واري شڪست سبب ڪمزور هئي. بي بيءَ سان ايئن نه هو. ٻيو ته آصف علي زرداريءَ جي شڪل ۾ بي بيءَ جي زندگيءَ توڻي پارٽيءَ ۾ کاٽ لڳي چڪو هو. آءِ جي آءِ کانپوءِ آصف علي زرداري هڪ ٻي پيپلزپارٽيءَ جا بنياد رکڻ شروع ڪيا جن پارٽيءَ جي نظرياتي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. محترمه آءِ جي آءِ واري مامري سبب ڪمزور ٿي وئي هئي، پر پنهنجي سوچ ۾ هوءَ اها ئي ساڳي بهادر اڳواڻ هئي جنهن عوامي ووٽ تي ويساهه ٿي رکيو. مير صاحب جي قتل بي بي صاحبه جي خدشن کي درست ثابت ڪيو هو. محترمه ڄاتو ٿي ته باقيات بهرحال اڃا زنده آهي.
سڙندڙ سپر هاءِ وي، سڙندڙ ٽرڪون، پيٽرول پمپ ۽ عمارتون… ۽ اهي ڏسي امتياز عالم کان رڙ نڪري وئي هئي ته مار اڃا به ديوارن تي لکيل آهي بينظير بيقصور، وزيراعظم بينظير… سنڌ واقعي به 27هين ڊسمبر تي ڇوري ڇني پئي لڳي. اهو ڏينهن جڏهن رسول بخش پليجي کي به ڳڙهي ويندي گاڏيءَ تي پ پ جو جهنڊو هڻڻو پيو هو! پوءِ به هو ڳڙهي پهچي نه سگهيو هو ۽ اڌ مان واپس ٿيو هو. جڏهن پليجي صاحب جهڙو سخت گير نظرياتي ڪمانڊر به سنڌي روايت تحت عذر ڏيڻ وڃڻ پئي چاهيو، اهو ملڪي سطح تي رڳو عمران خان هو جيڪو بي بيءَ جي تعزيت لاءِ ڳڙهيءَ پڌاريو نه هو.
هيءَ مصنوعي ٽيڪنالوجيءَ ۽ ڊجيٽل ايج آهي جنهن ۾ قلندرن جا جٽاوَ، چيءَ جا گوريلا خواب ۽ منڊيلا جو پيسيفزم تيزيءَ سان ويسر جي راهه تي گامزن آهن. ڇا اهڙي دنيا ۾ بينظير ڀٽو جي قرباني ۽ بيمثال جمهوري جدوجهد سندس پارٽيءَ جي سروائيول (بقا) جو سبب بڻجي سگهي ٿي؟ هتي مان هيءُ سوال ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ ڇڏيان ٿو.
imdadsoomro@gmail.com

Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of