fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

اعتراف گناهه

موسيو بادون لمارينس جي جنازي ۾ ڄڻ ته سموري شهر شرڪت ڪئي هئي ، پادري پاران دعا جا آخري جملا ادا ڪرڻ بعد سڀني سندس تعاريف ڪرڻ شروع ڪئي، ڪنهن چيو ته “ مرحوم فرشته صفت انسان هو” وري ڪنهن چيو “ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته مرحوم سموري ڄمار مسڪين ماڻهن جي مدد ڪئي ،هو غريبن جا ڏک برداشت نه ڪري سگهندو هو، يتيم ٻارن جو نهايت خيال ڪندو هو ….مرحوم جي تعريف ڪندي آهستي آهستي سڀئي ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا .پٺيان وڃي سندس ويجها عزيز بچيا جنهن ۾سندس هڪ ڌي ، پٽ ۽ ناٺي شامل هو .سندس پٽ ڪائونسلر جڏهن ته ناٺي وڪيل هو، هو ٻئي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ انتهائي ڪامياب هئا،سندن شمار شهر جي مشهور ماڻهن ۾ ٿيندو هو .
ٻئي ٻار پنهنجي والد سان بيحد پيار ڪندا هئا ،جنازي وقت ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا .آخري رسمون ختم ٿيڻ بعد سندس پٽ ، ڌي توڙي ناٺي ان ڪمري ۾ اچي ويٺا جتي هو مطالعو ڪندو هو.هنن مرحوم جي وصيت وارو لفافو کنيو ،سندس ناٺي مسٽر پوارل هڪ وڪيل وانگر انتهائي احتياط سان لفافو کوليو ۽ نڪ تي چشمو رکي قانوني دستاويزن وانگر وصيت پڙهڻ لڳو ……
منهنجا پيارا ٻارو …..آئون ڄاڻان ٿو ته اوهين مونسان بيحد پيار ڪريو ٿا پر موت کانپوءِ به جيڪڏهن مون اوهان آڏو پنهنجي زندگي ۾ ڪيل گناهه جو اعتراف نه ڪيو ته آئون قبر ۾ به سڪون سان رهي نه سگهندس …!!! پنهنجي زندگي ۾ مون کان هڪ اهڙو گناهه ٿي ويو جنهن جي ندامت منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي، آئون ڪڏهن به سک سان رهي نه سگهيس ….!! ها مونکان هڪ تمام وڏو گناهه ٿي ويو ، هڪ اهڙو گناهه جنهن جي ڪا معافي نٿي ٿي سگهي …!!!
آئون 25 ورهين جو هوس جڏهن وڪالت جي پڙهائي لاءِ پيرس پهتس،جيئن ٻيا ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي قسمت بدلائڻ لاءِ پيرس جو رخ ڪنداآهن، تئين آئون به هتي هليو آيس…. اتي منهنجي ملاقات هڪ ڇوڪري سان ٿي .ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي اڪيلا رهي ناهن سگهندا آئون به انهن ماڻهن منجهان هوس. شام جي وقت ڪمري جي آتشدان آڏو اڪيلو ويهڻ منهنجي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو هو ….مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ آئون دنيا جو واحد اڪيلو ماڻهو هجان …!! ائين محسوس ٿيندو هو منهنجي چوطرف خطره پيا ڦيراٽيون پائيندا هئا …جڏهن آئون اڪيلو ٿيندو هوس ته ڄڻ مونکي بخار اچي ويندو هو ….خوف ۽ اڪيلائي جو بخار ….مونکي ڪمري جي خاموش ديوارن کان به ڊپ لڳندو هو ….جنهن ڪمري ۾ ڪير اڪيلو رهندو آهي ته ان ڪمري جي خاموشي ايتري گهري ۽ پُرملال هوندي آهي جو ان جو اثر انساني دماغ تي پوڻ شروع ٿي ويندو آهي .ڪمري ۾ رهندڙ ان خاموشي کان ايترو ته واقف ٿي ويندو آهي جو ڪنهن ڪرسي يا ٽيبل جي چرڻ سان اٿندڙ آواز به ڄڻ ڪنن جا پرده ڦاڙي ڇڏيندو آهي … خاموشي جي ان خوف کان بچڻ لاءِ آئون اڪثر پنهنجو پاڻ سان پيو ڳالهيون ڪندو هوس …رات جي لمحن ۾ اڪثر مونکي پنهنجو آواز به ايترو عجيب لڳندو هو جو ان مان به خوف اچڻ لڳندو هو ….!!! ڀلا اڪيلي گهر ۾ پنهنجي پاڻ سان ڳالهيون ڪرڻ کان وڌيڪ وحشت ناڪ ڳالهه ڪا ٻئي ٿي سگهي ٿي …؟؟ ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو آواز به ڄڻ ڪنهن ٻئي جو آواز لڳندو هو ….!! اڪيلائي جي ان خوف کان بچڻ لاءِ مون ان ڇوڪري سان ويجهڙائپ وڌائڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن بعد هن مونسان گڏ رهڻ شروع ڪيو .پيرس ۾ اهڙا کوڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هونديون هيون جيڪي خرچ بچائڻ لاءِ گڏجي رهندا هئا . ان ڇوڪري جا گهرڀاتي پواسي جا رهاڪو هئا ۽ هو ڪڏهن ڪڏهن انهن سان ملڻ ويندي هئي .اسان کي گڏ رهندي هڪ سال ٿي چڪو هو ،مون فيصلو ڪري ورتو هو ته جنهن ڏينهن مونکي ڪا اهڙي ڇوڪري ملي جيڪا شادي لائق هوندي ته پوءِ آئون هن ڇوڪري کي ڇڏي ڏيندس .پو هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن هن مونکي ٻڌايو ته هو ماءُ ٿيڻ واري آهي …..!!! سندس پيٽ ۾ هڪ ٻار آهي …!!! سندس اهي لفظ ٻڌي ڄڻ ته مونتي وڃ ڪري پئي هئي …!! آئون اندر ئي اندر ۾ سوچڻ لڳس ته او منهنجا خدا …..!!! هي ڇا ٿي ويو ….؟؟؟ !! هاڻ ته منهنجي زندگي تباهه ٿي ويندي …آئون سڄي عمر لاءِ زنجيرن ۾ جڪڙجي ويندس، ۽ اهي ڏنڊا ٻيڙيون موت تائين منهنجي پيرن ۾ پيل رهنديون…..!!! مونکي ان ناجائز ٻار جي پرورش ڪرڻي پوندي ۽ کيس دنيا جي نظرن کان به بچائڻو پوندو ۽ اها ڇوڪري ان ٻار خاطر هميشه مونسان جڙيل رهندي ….!!!

ان خبر منهنجي راتين جي ننڍ ڦٽائي ڇڏي هئي …..آهستي آهستي منهنجي دل ،دماغ ۾ عجيب غريب خيال اچڻ لڳا ته آخر ان ڇوڪري توڙي سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کان پنهنجي جند ڪئين آجي ڪرايان …؟؟؟ آخر ڪيترا ٻار پيدائش کان اڳ مري ويندا آهن ،جيڪڏهن هي به مري ويو ته ڀلا ڇا ٿي پوندو …!!! اوه ..!!! هي آئون ڇا سوچي رهيو آهيان ،ان کان اڳ ته مون ڪڏهن ڪنهن جيت يا جانور جي موت لاءِبه ائين نه سوچيو هو ۽ هاڻ هڪ انسان جي ٻچڙي لاءِ ائين سوچي رهيو آهيان …!!! خدايا هي مونکي ڇا ٿي ويو آهي ….؟؟
اها ڇوڪري بيحد حسين هئي ۽ مونکي جام وڻندي به هئي آئون ڪنهن به صورت ۾ سندس موت لاءِ سوچي نه ٿي سگهيس …!!! پر شايد منهنجي دل ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ اها خواهش وڌڻ لڳي ته اهو ٻار ڪڏهن به منهنجن اکين آڏو نه اچي ۽ پيدائش کان ئي مري وڃي …!!! پوءِ هڪ ڏينهن اچانڪ اهو ٻار پيدا ٿي ويو ..!! منهنجو ننڍڙو ڪمرو هاڻ گهر ۾ تبديل ٿي ويو …جنهن ۾ مون سميت هڪ ڇوڪري ۽ سندس ٻارڙو رهن پيا .ڏسڻ ۾ اهو ٻارڙو به ٻين ٻارن وانگر ئي معصوم ۽ پيارو هو، پر مون ان تي ڪا خاص توجهه نه ڏني ،هون به پيءُ جي محبت ڪافي دير کانپوءِ ظاهر ٿيندي آهي ۽ اها ماءُ جي ممتا وانگر پرجوش ناهي هوندي …پيءُ جي محبت آهستي آهستي وڌندي آهي.

SAIMA DTR 3 TEASER.avi transcript powered by Sonix—the best video to text transcription service

SAIMA DTR 3 TEASER.avi was automatically transcribed by Sonix with the latest audio-to-text algorithms. This transcript may contain errors. Sonix is the best way to convert your video to text in 2019.

Quickly and accurately convert video to text with Sonix.

Sonix uses cutting-edge artificial intelligence to convert your avi files to text.

Thousands of documentary filmmakers and journalists use Sonix to convert avi file to srt or vtt to make their media content more accessible to the viewing public.

Sonix is the best online video transcription software in 2019—it's fast, easy, and affordable.

If you are looking for a great way to convert your avi to text, try Sonix today.

هڪ سال گذري ويو ۽ آئون ڄاڻي واڻي گهر کان ٻاهر رهڻ لڳس ،منهنجو گهر تمام ننڍڙو هو ۽ اتي هر هنڌ ٻارڙي جا ڪپرا ، آڱرين جيترا جوراب، رانديڪا ۽ ٻيون کوڙ شيون ڦهليل هونديون هيون .آئون اڪثر ٻار جي روئڻ کان تنگ اچي گهر کان ٻاهر هليو ويندو هوس ،ڇاڪاڻ ته هن جي روئڻ جي ڪا مهل نه هوندي هئي ، ڏينهن هجي يا رات ڪنهن به وقت اچانڪ روئڻ شروع ڪري ڏيندو هو جنهن سبب آئون ڪافي ڊسٽرب ٿيندو هوس …..
پوءِ هڪ ڏينهن هڪ دعوت ۾ منهنجي ملاقات ان ڇوڪري سان ٿي جيڪا بعد ۾ اوهان جي ماءُ بڻي .پهرين نظر ۾ آئون سندس محبت جو قيدي بڻجي ويس ۽ مون فيصلو ڪري ورتو ته مونکي ان سان ئي شادي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو اصل گهر آباد ڪرڻو آهي .ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آئون ان ڇوڪري جي والدين سان مليس ۽ انهن کان سندن ڌي جو سڱ ڏيڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا انهن قبول ڪري ورتي . هڪ طرف آئون تمام گهڻو خوش هوس ته اها ڇوڪري جلد منهنجي زندگي ۾ ايندي جنهن کي آئون ديوانن وانگر چاهيان ٿو جڏهن ته ٻئي پاسي وري ناجائز ٻار ۽ سندس ماءُ منهنجي لاءِ پريشاني جو سبب هئا ….اندر ئي اندر ۾ مونکي اهو خوف کائي رهيو هو ته جيڪڏهن ان ڇوڪري جي مائيٽن کي ناجائز ٻار ۽ سندس ماءُ جي خبر پئي ته هو مونکي بلڪل به پنهنجي ڌي جو رشتو نه ڏيندا ۽ آئون پنهنجي محبت کان محروم ٿي ويندس …ان ڪرڀ ۾ هڪ مهينو گذري ويو ….
هڪ ڏينهن ان ڇوڪري جي ماءُ جي بيماري جو اطلاع آيو ۽ هو ٻارڙي کي منهنجي سهاري ڇڏي پاڻ بيمار ماءُ سان ملڻ هلي وئي …ڊسمبر جو مهينو هو ۽ سردي پنهنجي عروج تي هئي ،ٻاهر يخ هوائون گهلي رهيون هيون ۽ ٻارڙو گرم بستري ۾ آرام سان بيڊ تي ستل هو…..۽ آئون آتشدان آڏو ڪرسي تي ويٺل هوس ….اچانڪ اهي شيطاني خيال اونداهه مان نڪري منهنجي سامهون اچي بيٺا، مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته انهن شيطاني خيالن کان پنهنجي جند آجي ڪرايان پر اهو ممڪن نظر نٿي آيو ،اهي مڪمل طور تي منهنجي دل توڙي دماغ تي حاوي ٿي چڪا هئا ….!!! مون وٽ اهي لفظ ناهن ته ان وحشت کي ڪئين بيان ڪريان جيڪا ان رات مونتي طاري هئي …..!!!
بار بار خيال اچڻ لڳو ته ان ٻار جي ڪري تنهنجي زندگي تباهه ٿي چڪي آهي ….اڄ موقعو آهي ته تون ان دلدل مان ٻاهر نڪري سگهين ٿو ….!! جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ۽ ان ڇوڪري کي ان ناجائز ٻار جي خبر پئجي وئي ته اها ڪڏهن به توسان شادي نه ڪندي …..توکي ڇڏي هلي ويندي …..انهن خيالن مونکي چريو ڪري ڇڏيو ….!!! ان رات آئون مڪمل حيوان بڻجي چڪو هوس …..!!!
ٻارڙو پرسڪون انداز ۾ ننڍ ڪري رهيو هو ….آئون سندس مٿان وڃي بيٺس ….ڪافي دير کيس ڏسندو رهيس …خيال ايندا رهيا ته هي ئي اهو ٻج آهي ، هي ئي اهو گوشت جو ٽڪڙو آهي جنهن تنهنجي حسين زندگي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي …!! هن ئي ڄڻ توکي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ….!!!

او منهنجا خدا …!!! ان رات مون جيڪو ڪجهه ڪيو سو آخر ڪئين ڪيو ….؟؟ نيٺ آئون ايترو لالچي ۽ حيوان ڪئين بڻجي ويس …؟؟ اها ڪهڙي حيواني طاقت هئي جنهن ان رات مونکي پنهنجي قابو ۾ آڻي ڇڏيو هو …؟؟؟ مونکي ڪو احساس ئي نه رهيو ۽ گناهه جو ڀوت منهنجي سر تي سوار ٿي ويو …!! مونکي بس ايترو ياد آهي ته ان يخ ٿڌي رات ۾ به مونکي پگهر اچي ويو هو ، ڳلو خشڪ ٿي ويو هو ۽ منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي…!!
مون ٻارڙي جي متان پيل گرم بسترو هٽائي سندس پيرن وٽ رکي ڇڏيو …۽ ڪمري جون دريون کولي ڇڏيون …!!! دريون کولڻ جي دير هئي يخ ٿڌيون هوائون وحشي قاتل جيان ڪمري ۾ داخل ٿي ويون ….!!! ڪجهه ئي دير اڳ تائين مونکي پگهر پئي آيا پر هاڻ آتشدان آڏو هجڻ باوجود منهنجو جسم ڄڻ ته برف بڻجي ويو هو. آئون مسلسل اتي ويٺو رهيس ۽ مون منهن ڦيرائي بيڊ تي پيل ٻارڙي ڏانهن ڏسڻ جي همٿ نه ٿي ساري …!!! منهنجو ذهن مائوف ٿي چڪو هو …!! پوءِ ٻارڙي جي هلڪي کنگهه جي آواز منهنجي وجود کي جهنجهوڙي ڇڏيو …..!!! اچانڪ سان منهنجي اندر ۾ ان ٻارڙي لاءَ پيار ۽ شفت جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو جنهن کي مون مارڻ ٿي چاهيو …… آئون يڪدم اٿس ۽ ڀڄي وڃي درين کي بند ڪيم ….ٻارڙي کي گود ۾ کنيم ….سندس سمورو جسم برف ٿي چڪو هو…. سندس پتڪڙو وات کليل هو ۽ هو ٿوري ٿوري دير بعد کنگهي رهيو هو … سندس کنگهه جو آواز خنجر بڻجي منهنجي هانءِ ۾ کپي رهيو هو …..!!! جيڪڏهن هو مري ويو ته …؟؟!! اوهه منهنجا خدا ….!! مونکان هي ڇا ٿي ويو ….؟؟ صبح ٿيڻ تائين آئون کيس گود ۾ کڻي پيار ڪندو رهيس …..سندس ڇاتي ڄمي چڪي هئي …. سندس ڦڦڙن جي خرخراهٽ جو ٻڌڻ ۾ ٿي آيو …..!!صبح ٿيڻ شرط کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاريم ….ٻارڙي جو معائنو ڪرڻ کانپوءَ ڊاڪٽر چيو “ کيس ٿڌ ته ناهي لڳي …؟؟” آئون خزان ۾ سڪي ويل پن وانگر ڏڪڻ لڳس ……!! مون کيس چيو خطري جي ته ڪا ڳالهه ناهي نه …؟؟ هن وراڻيون ڪجهه نٿو چئي سگهجي شام جو وري سندس معائنو ڪندس …..!! شام جو ڊاڪٽر آيو ۽ منهنجي پٽ سڄو ڏينهن ڄڻ نيم بيهوشي جي حالت ۾ گذاريو …هن اک نه کولي ….شايد مون کان ناراض هو …. هن منهنجو چهرو نه ٿي ڏسڻ چاهيو ….!!! آهستي آهستي سندس کنگهه وڌندي وئي ، سندس ڦڦڙ به ويتر خراب ٿيندا ويا ….ان حالت ۾ ان ننڍڙي شهزادي 10 ڏينهن گذاريا ……آئون بيان نٿو ڪري سگهان ته اهي 10 ڏينهن مونتي ڪهڙي قيامت بڻجي گذريا ….!!!
۽ پوءِ هو مري ويو ….!!!
ان ڏينهن کان ساهه جي آخري هڏڪي تائين آئون ڪڏهن به سک سان رهي نه سگهيس ….!!!
ڪاش منهنجي زندگي ۾ اها رات نه اچي ها ….!!! ڪاش حيوان ٿيڻ کان اڳ آئون مري وڃان …!!! اهو گناهه نه ڪريان ها …!!

مسٽر پوارل حسب عادت منهنجو چشمو مٿي ڪيو جيئن هو ڪو به دستاويز پڙهڻ کانپوءِ ڪندو آهي …مرحوم جي ٽنهي وارثن هڪٻئي کي ڏٺو ، ڪمري ۾ مڪمل خاموشي هئي ….ايتري خاموشي جو هڪٻئي جي ساهه کڻڻ جو به آواز به ٻڌڻ ۾ ٿي آيو ….ٽنهي جا چهرا زرد ٿي چڪا هئا …هڪ منٽ کانپوءِ وڪيل ڳالهايو “ هن خط کي فوري طور تي ساڙيو ” ٻين پنهنجا ڪنڌ جهائي ڇڏيا .وڪيل ميڻ بتي ٻاري ۽ ان خط کي باهه ڏئي آتشدان ۾ اڇائي ڇڏيو ….پوءِ اهي ٽئي ان ڪاعذ کي سڙندي ڏسندا رهيا …..چند ئي سيڪنڊن ۾ اهي پنا ڪارا ٿي ويا پر انهن تي لکيل لفظ ڄڻ اڃا به نظر اچي رهيا هئا، ان ڪري مرحوم جي ڌي پنهنجي جتي جي نوڪ سان آتشدان ۾ پيل ان راک کي ڪچلي ڇڏيو ….!!!
اهي ٽئي ڪافي دير تائين ان رک کي ڏسندا رهيا ….شايد انهن کي خدشو هو ته اهو راز ڪٿي راک مان به ظاهر نه ٿي پوي …..!!!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.
avatar
  Subscribe  
Notify of