سکر)رپورٽر)سکر جي علائقي نئون پنڊ مان مبينا طور نوجون ڇوڪري فضا ڀيو اغوا ٿي وئي آهي، ناري جي وارثن طرفان نئون پنڊ ٿاڻي تي 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،ناري جي وارث اشتياق ڀيو جي فرياد تي فضا جي اغوا جو ميراڻي برادري جي تنوير، وزير، غلام شبير، ظهير، صابر سميت 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي،هوڏانهن علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڇوڪري فضا ڀيو نوجوان تنوير ميراڻي سان پسند جي شادي لاء گهران نڪري وئي آهي