fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جو لاش 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نه مليو

منهڙو(ن پ ا)منهڙو ڀرسان دريا خان مري ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو ڏاهري جي رهواسي 16ورهيه نوجوان عابد علي ولد مور ڏاهري ذهني توازن صحيح نه هئڻ ڪري بودلو موري کان ٽي ڏينهن اڳ روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو ،جنهن جو 3 ڏينهن گذرڻ باوجود لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي،نوجوان جا وارث ۽ وڏي انگ ۾ علائقي واسي لاش جي ڳولا لاءِ بودلو موري، يوسف ڏاهري موري،دوروفال موري،سن موري،هبيري موري ۽ روهڙي ڪئنال جي مختلف هنڌن تي رات ڏينهن نوجوان جي مڙھ جي انتظار ۾ ويٺل آهن ٻي طرف نوجوان جي وارثن پاران سندس ڳوٺ ۾ تڏو وڇايو ويو آهي .

Bookmark the permalink.