سنچورين (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ به پاڪستاني ٽيم 190 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ٻي اننگز ۾ پاڪستان پنهنجي بيٽنگ 42 رنسن جي سرسي سان شروع ڪئي ته اوپنر فخر زمان 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. جنهن بعد امام الحق ۽ شان مسعود محتاط راند کيڏي، پر 100 رنسون ٺاهڻ بعد وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو، امام الحق 57 رنسن تي آئوٽ ٿيو.
قومي ٽيم جو تجربيڪار بيٽسمين اظهر علي ۽ اسد شفيق به ٻي اننگز ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا. اسد شفيق ۽ بابر اعظم 6-6 ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته اظهر علي کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو.
ڪپتان سرفراز احمد پهرين اننگز وانگر هن اننگز ۾ به کاتو کولي نه سگهيو. محمد عامر 12 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شان مسعود 65 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته حسن علي 11 رنسون ٺاهيون. اهڙي طرح پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ 149 رنسن جو هدف ڏنو.
ڏکڻ آفريقا طرفان اوليوئير ٻي اننگز ۾ شاندار بالنگ ڪندي 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ان کان اڳ پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريقا جي سموري ٽيم 223 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، بيٽسمين باووا 53، ڊي ڪوڪ 45 ۽ بريون 29 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. جڏهن ته پاڪستان طرفان محمد عامر ۽ شاهين آفريد 4-4 وڪيٽون ورتيون ۽ حسن علي 2 شڪار ڪيا.
149 رنسن جو هدف ماڻڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا پنهنجي ٻي اننگز جي شروعات ڪندي.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
