ڪنڌڪوٽ: اينٽي ڪرپشن جي جاچ رڳو ڍونگ! ڪنڌڪوٽ جي پوليس ۽ تعليم کاتن ۾ 60ڪروڙ کان وڌيڪ گهوٻيون، عملدارن کي کلي ڇوٽ، پوليس ۾ 2013 کان 17ع جعلي ڀرتين، ڪوڙن بلن جي مد ۾43 ڪروڙ ڪرپشن ٿي، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪنهن وک کڻڻ جي تڪليف نه ڪئي، تعليم کاتي ۾ به ڀينگ، چئن سالن ۾ ساڍا 17ڪروڙ ڳڙڪائجي ويا، سنڌ سرڪار جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن ڪاغذي ڪارروائي ڪري آجي آهي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ ۽ اينٽي ڪرپشن جي 40 صفحن تي ٻڌل رپورٽ موجب، ڪنڌڪوٽ جي پوليس کاتي ۾ 2013ع کان 2017ع ۾ 43 ڪروڙ رپيا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي آفيس جو اڳوڻو اڪائونٽنٽ بشير احمد ٻرڙو،گل زبير ڊومڪي، ضلعي جي ناڻي واري آفيس جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ عبدالعزيز بلو، حسن الدين ديناري، سليمان ميراڻي، سب اڪائونٽنٽ غلام مصطفيٰ لاشاري، نيشنل بئنڪ جي 6 ملازمن ممتاز سولنگي، ڪريم بخش دائودپوٽو، صدرالدين چنو ۽ الله ڏنو چنو سميت 17 عملدارن جي ڪرپشن جي انڪشاف کانپوءِ سنڌ سرڪار نوٽيس وٺندي اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم ڏنو. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب پوليس کاتي ۾ ڪرپشن جو ماسٽر مائينڊ ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس کاتي جو اڳوڻو اڪائونٽنٽ بشير ٻرڙو نيشنل بينڪ مان خزاني آفيس جي نالي تي ڪوڙين آءِ ڊيز ذريعي ڪروڙين رپيا ڪڍرائي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. سنڌ حڪومت جي هدايت تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پر جوابدارن جلد عدالتن مان ضمانتون حاصل ڪري ورتيون. ذريعن موجب، 2012 کان 2014 ع ۾ يونس چانڊيو، عمر طفيل، عمر سلامت سميت ٻين ايس ايس پيز جي دور ۾ ڪرپشن جا کاتا کوليا ويا. ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار اڳوڻو اڪائوٽنٽ بشير ٻرڙو 7 مهينن کان منظر عام تائين غائب ٿي دبئي فرار ٿي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪيس جي جاچ ۾ اڳڀرائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ڪرپٽ ڪامورن کي مختلف وقتن تي ڇوٽ به ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
