
گهوٽڪي ( ن پ ا) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي عوام سان دشمني ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن عمران خان کي مڙهڻو هو ته کيس حڪومت ڪرڻ به سيکاريو وڃي ها.
خانڳڙهه ۾ پارٽي جلسي کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه وزيراعظم عمران خان سميت وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻايو، وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سئو ڏينهن يا جيترا به ڏينهن رهي، انهن کان ڪجهه به نه ٿيندو، اهي حڪومت نه ٿا ڪري سگهن، اهو ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار ٻن ٽن مهينن ۾ پنهنجو ڪم ظاهر ڪري ڇڏيو، عمران خان کي ملڪ تي مڙهڻو هو ته کيس حڪومت ڪرڻ به سيکاريو ها، کيس پنهنجي گهرواري ياد ڏياريندي آهي ته هو وزيراعظم آهي ۽ پيرڻي کي چئو ته عمران کي ٻڌائي ته حڪومت ڪيئن ٿيندي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي عوام سان دشمني ڪئي پئي وڃي، رڳو پيپلزپارٽي ئي عوام جي خدمت ڪندي.