fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌ جي خوبصورت شهر حيدرآباد کي اجاڙڻ جون تياريون

بلديه جي گارڊن واري شعبي پاران وڻن کي ڇانگڻ بهاني واڍي شروع ڪئي وئي

هن موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻن ٿا، جنهن سبب وڻن کي ڇانگي رهيا آهيون: گارڊن آفيسر

حيدرآباد ( ن پ ا) سنڌ جي خوبصورت شهر حيدرآباد کي اجاڙڻ جون تياريون، وڻن کي ڇانگڻ بهاني واڍي شروع ڪئي وئي.
حيدرآباد شهر ۾ بلديه جي گارڊن واري شعبي پاران مختلف هنڌن تان وڻ وڍيا پيا وڃن، گارڊن آفيسر عارف جو چوڻ آهي ته هن موسم ۾ وڻن جا پن ڇڻن ٿا، جنهن سبب وڻن کي ڇانگي رهيا آهيون.
سڄي ملڪ ۾ وڻن جي واڍي سبب ماحوليات تي واضح ناڪاري اثر پون ٿا، اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ وڻ لڳائڻ بدران حيدرآباد ۾ وڻن جي واڍي سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ سرڪار کي معاملي جو نوٽيس وٺي وڻ جي واڍي روڪرائڻ گهرجي

Bookmark the permalink.