ڪراچي (دلچسپ نيوز) دنيا ۾ ماڻهو گاڏين جي دونهين بابت ڪافي حساس آهن، جنهن جي خاتمي لاءِ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي عام ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، پر دنيا مان 20 وڏن سامونڊي جهاز سڄي دنيا جي گاڏين جي تيل ساڙڻ جيتري آلودگي پکيڙين ٿا.
15 کان 20 وڏن سامونڊي جهازن سبب هڪ پاسي آلودگي پکڙجي رهي آهي ته ٻي پاسي جهازن مان نقصانڪار گيسون به خارج ٿين ٿيون.
هوڏانهن گڏيل قومن جي ميري ٽائم تنظيم 2020 جي شروع ۾ جهازن مان سلفر جي خارج ٿيڻ جي حد طئي ڪرڻ تي رضامند ٿي وئي آهي، پر اڃا تائين ان تي ڪم ناهي ٿيو. جڏهن ته يورپين پارليامينٽ به 2021 کان سامونڊي جهاز راني کي يورپين يونين ايميشن ٽريڊنگ اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.