fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

بالي ووڊ جو ليجنڊ قادر خان بيماري وگھي وينٽيليٽر تي منتقل

قادر خان اسپتال ۾ داخل

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار قادر خان کي سخت بيماري ۽ ساهه کڻڻ جي ڏکيائي سبب وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.
ورسٽائل اداڪار قادر خان ڊگهي عرصي کان بيمار رهڻ بعد هاڻي سندس طبيعت ويتر خراب ٿي وئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب قادر خان بيماري سبب ڳالهائڻ ٻولائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته کيس نمونيا بيماري به ظاهر ٿي رهي آهي.
هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي قادر خان جي پٽ سرفراز ٻڌايو ته سندس پيءُ کي هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، هو هلڻ وقت هيٺ ڪرڻ کان ڊڄندو هو. هن چيو ته گذريل سال بابا جي گوڏن جو آپريشن به ٿيو هو، پر هن هلڻ ڦرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد سندس طبيعت ويتر خراب ٿيڻ لڳي.
سرفراز احمد اميد ظاهر ڪئي ته سندس والد جلد صحتياب ٿي ويندو.

Bookmark the permalink.