ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت ۾ سي آئي اي انچارج شعبان ملھڻ خلاف فريادي علي گل نصيراڻي ۽ پنھل لولائي ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت ۾ٻه پٽيشنون داخل ڪرايون آھن ، فريادين پٽيشن ۾ ڄاڻايو آھي ته 5 ڏينھن اڳ دڙي اسٽاف وٽ سي آئي اي انچارج پاران چئن ڳوٺاڻن غلام فريد، اظھرالدين نصيراڻي، احمد لولائي ۽ عبدالجبار لولائي کي بيگناهه گرفتار ڪري غوثپور ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، وارثن کان آزادي جي لاءِ 5 لک روپيا طلب ڪيا جو نه ڏيڻ جي صورت ۾ انھن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا،ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي عدالت سي آئي اي انچارج ۽ ايس ايڇ او غوثپور کي رڪارڊ سميت سومر ڏينھن طلب ڪري ورتو،ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سي آئي اي انچارج شعبان ملھڻ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته نه مونکي ڪا پٽيشن جي خبر آھي ۽ نه ئي مونکي ڪوئي عدالت طرفان پٽيشن جو نوٽيس مليو آھي.