اسلام آباد ( ن پ ا ) سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار کان نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ٽائيم شيڊول طلب ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ نئن گاج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ فيصل واوڊا پيش ٿيا، چيف جسٽس چيو ته اوهان کي افتتاح ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، اسان کي ڊيم جي اڏاوت جو ٽائيم فريم ڏيو. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته پاڻي وسيلن کي خاص اهميت ڏئي رهيا آهيون، ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به اسان جي ترجيح ۾ شامل آهن، سنڌ سرڪار کي منڇر ڍنڍ سبب منصوبي تي خدشا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدالت مداخلت نه ڪري معاملا رولڙي جو شڪار ٿي ويندا آهن. وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته نئن گاج ڊيم لاءِ ناڻي ۽ پاڻي بجلي وارين وزارتن سان رابطو ڪري رهيا آهيون، چيف جسٽس چيو ته ڪابينا ڇا جي هوندي آهي، اوهان پنهنجي ساٿي وزير سان سڌي ڳالهه ڪري سگهو ٿا، پاڻي ۽ صحت جي معاملن ۾ دير برداشت نه ڪيو ويندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته بيوروڪريسي جي معاملن جي ڪري معاملو رولڙي جو شڪار نه ٿئي.