fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

بدقسمتي سان ترقي ۾ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ کان هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ٿيا آهن، بدقسمتي سان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون. اسلام آباد ۾ سفرا جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته غير مستحڪم داخلي صورتحال عوامي سطح تي پاڪستان جي منفي سڃاڻپ جو سبب بڻي، داخلي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اثرائتي پرڏيهي پاليسي جوڙي نه ٿي سگهجي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي رڪارڊ واپاري خسارو ورثي ۾ مليو آهي، قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض گهربل آهي.  شاهه محمود قريشي چيو ته 21 هين صدي ايشيا جي صدي آهي، ايشيا ۾ هر سال 476 ارب ڊالرن جي سرمائيداري ٿي رهي آهي. هن چيو ته بدقسمتي اسان اسان ترقي جي ميدان ۾ ٻين ملڪن کان پوئتي آهيون، اسان پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هينئر تائين 42 سرمائيداري جا معاهدا ڪيا آهن، گلوبل ٽريڊ ۾ پاڪستان جو شيئر 0.12 سيڪڙو آهي.

Bookmark the permalink.