حيدرآباد(رپورٽ:فيض کوسو) سال 2018ع دوران سنڌ ۾ 120 ڄڻن کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، جنهن ۾ 78 عورتون ۽ 37 مرد شامل آهن، جڏهن ته قتل ٿيلن ۾ 18 سالن جي عمر کان گهٽ عمر جا پنج ٻار به شامل آهن. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي سنڌ چيپٽر جي هڪ رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ عورتون سيپٽمبر مهيني ۾ قتل ٿيون ۽ قتل ٿيل اهڙين عورتن جو انگ 10 آهي، جڏهن ته اپريل 2018ع دوران 8 عورتون ۽ 7 مرد ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيا، انگن اکرن موجب جنوري 2018 ۾ 4 عورتون، ٽي مرد، فبيروري دوران 9 عورتون ٽي مرد، مارچ دوران 4 عورتون ٻه مرد ۽ ٻه ٻار، اپريل دوران 8 عورتون، 7 مرد ۽ ٽي ٻار، مئي دوران 8 عورتون، چار مرد، جون دوران پنج عورتون چار مرد، جولاءِ دوران 8 عورتون چار مرد، آگسٽ دوران چار عورتون ٽي مرد، سيپٽمبر دوران 10 عورتون، آڪٽوبر دوران 8 عورتون چار مرد، نومبر دوران 7 عورتون هڪ مرد ۽ ڊسمبر دوران 3 عورتون ۽ ٻه مرد ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪيا ويا، ايڇ آر سي پي جا هي انگ اکر صرف ٻهراڙي سنڌ جا آهن، جڏهن ته انهن انگن اکرن ۾ ڪراچي ڊويزن شامل ناهي، رپورٽ موجب جنوري 2018ع کان ڊسمبر 2018ع تائين مجموعي طور 349 ماڻهن خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ 191 مرد، 125 عورتون ۽ 33 ٻار شامل آهن، اهڙي ريت 717 ماڻهو مختلف واقعن جي ڪري قتل ٿي ويا، جنهن ۾ 486 عورتون، 91 مرد ۽ 59 ٻار شامل آهن، انگن اکرن موجب جنوري 2018 دوران 24 مرد 16 عورتون ۽ ٻه ٻار قتل ٿي ويا، فيبروري دوران 30 مرد، 18 عورتون ۽ ٽي ٻار، مارچ دوران 36 مرد 19 عورتون ۽ 6 ٻار، اپريل دوران 44 مرد، 13 عورتون ۽ چار ٻار، مئي دوران 54 مرد 16 عورتون 6 ٻار، جون دوران 46 مرد، 18 عورتون، 6 ٻار، جولاءِ دوران 33 مرد ، 19 عورتون ۽ ٻه ٻار، آگسٽ دوران 67 مرد 13 عورتون 8 ٻار، سيپٽمبر دوران 58 مرد 21 عورتون 8 ٻار، آڪٽوبر دوران 30 مرد 8 عورتون چار ٻار، نومبر دوران 42 مرد 6 عورتون پنج ٻار، ڊسمبر دوران 22 مرد 5 عورتون ۽ پنج ٻار مختلف سببن جي ڪري قتل ڪيا ويا.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
