ڪوٽڙي: پورھيت اڳواڻن اڪبر ميمڻ، امجد مستوئي، ظهير ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ڪارخانن ۾ ليبر قانون تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. اڪثر ڪارخانن ۾ ٺيڪداري راڄ قائم آھي جنھن ڪري پورھيتن کي ڪو به قانوني حق نٿو ملي ھنن چيو ته ڪارخانن ۾ يونين سازي تي پابندي لڳل آھي 2012 جي نئين ليبر آرڊيننس تي به عمل نٿو ڪيو وڃي۔ جيڪڏھن ليبر قانون تي عمل ڪيو وڃي ته پورھيتن کي سمورا حق ملي سگھن ٿا.