fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ٽٽل روڊن سبب حادثا معمول، هڪ سال ۾ 145 ماڻهن حياتيون وڃايون

حيدرآباد(رپورٽ: فقير سليم) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ٽٽل روڊ رستن سبب حادثا معمول بڻيل، هڪ سال دوران حادثن 145 ماڻهن جي حياتي کسي ورتي، هلندڙ سال 2018ع ۾ حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ٿيل روڊ حادثن سبب فوتين جو انگ 145 ۽ زخمين جو تعداد 335 
آهي، ايڌي حيدرآباد جي انچارج معراج پاران جاري ڪيل سالياني انگن اکرن موجب شھر جي مختلف علائقن مان 95 لاوارث لاش مليا جن مان 12 لاش تازو ڄاول ٻارن جا ھئا. ايڌي سينٽر موجب ھلندڙ سال شھر ۾ مختلف حادثن ۾ 145 ماڻھو فوت ٿيا جڏھن ته  زخمين جو تعداد 335 رھيو. معراج ايڌي موجب حيدرآباد مان پنھنجن جي ھٿان بي روي ۽ بي گھر ٿيل 39 عورتن کي ايڌي ھوم ڪراچي پھچايو ويو، جن ۾ اڪثريت پيرسن عورتن جي آهي، جڏھن ته شھر جي مختلف رستن تي لاوارث پيل 83 بيمارن کي ايڌي ھوم منتقل ڪيو ويو.سال دوران شھر جي مختلف علائقن مان 10 خودڪشي ڪندڙن کي اسپتال پھچايو ويو، ٻي طرف 21 لاشن کي غسل ڪفن ڏئي وارثن حوالي پڻ ڪيو ويو. معراج ايڌي موجب سال 2018 ۾ مجموعي طور تي 24 ھزار مريضن ۽ لاشن کي اسپتال کان گھر ۽ گھر کان اسپتال رسايو.

Bookmark the permalink.