fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سامارو ۾ واٽر ڪورس جو موڳو ٽوڙڻ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ واٽر ڪورس جو موڳو لٽي پاڻي بند ڪرڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. آبادگارن عبدالله گهيلڙو، علي بهادر گهيلڙو، ستار سولنگي، رمضان سولنگي، رحيم دين پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن دانهيو ته آبپاشي عملدارن عدالتي حڪم جي ابتڙ هير واهه مان نڪرنڊ واٽر ڪورس بند ڪري ظلم ڪيو آهي. هنن دانهيو ته پاڻي بند ٿيڻ سبب ڪڻڪ جي پوکائي ڏکي ٿي پئي آهي، نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.

Bookmark the permalink.