fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

خانواهڻ ۾ منشيات ۽ جوا جو ڪاروبار وڌي ويو، نوجوان نسل تباهه ٿيڻ لڳو

خانواهڻ: خانواھڻ۔ خانواھڻ ۾ پوليس انتظاميه پاران منشيات جي خريد و فروخت ۽ جوا جي اڏن جي کلي ڇوٽ، نوجوان نسل تباھ ٿيڻ لڳو، پوليس انتظاميه غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو، تاريخي شھر خانواھڻ پوليس انتظاميه جي مجرماڻي غفلت سبب اصل سڃاڻپ وڃائي ويٺو، سياسي، سماجي ڌرين پاران احتجاج جو چتاءُ، خبر موجب خانواھڻ ديھات تنيا بقا شاهه ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پوليس انتظاميه غير قانوني ڌنڌن جي روڪٿام بدران انھن کي عام ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي ويئي خانواھڻ پوليس اندر غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي جوا ۽ منشيات جي واھپي جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن سبب خانواھڻ جي سمورن شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن خانواھڻ تنيا بقا شاهه ديھات ۽ٻين ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۽ شهرجي مين چونڪن ۽ محلن ۾ جوا جا اڏا ۽ ڪچي شراب جي بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيون آهن جتان اسڪولي شاگردبه ڪچوشراب خريدڪري واپرائين ٿاجنهن سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي ان کان علاوه گٽڪو، مين پڙي، زيڊ21-سفينا-رجني جهڙين زهريلن شين جو وڪروعام ٿي ويو آهي ۽ جوا جا اڏا پڻ شھرن جي مختلف علائقن ۾ سرعام بنان ڪنھن ڊپ جي ھلي رھيا آھن، جنھن سبب خانواھڻ ۽ ان جي آسپاس اندر ھڪ طرف ڏوھاري سرگرمين ڪر کنيو آھي ته ٻئي طرف نوجوان نسل پڻ تباھ ٿي رھيو آھي ذريعن موجب منشيات ۽ جوا جي اڏن تان پوليس ھر مھيني لکين روپين جون منٿليون وصول ڪري رھي آھي، پوليس انتظاميه جي ناقص ڪاڪردگي سبب عوام ۾ عدم تحفظ جي لھر پئدا ٿي ويئي آھي، خانواھڻ جي ينگ ايڪشن ڪميٽي شھري اتحاد واپاري ايسوسيئيشن ملاح ويلفيئر جماعت اھلسنت غوثيا انجمن جي اڳواڻن غلام النبي سولنگي سيد زاڪر علي شاهه ڪامريڊ غلام الرسول جلباڻي ۽ سياسي، سماجي ڌرين پوليس انتظاميه جي ان ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو ته پوليس انتظاميه پنھنجو قبلو درست ڪري خانواھڻ مان سماجي براين جو خاتمو نه آندو ويو ته احتجاج جو ھر رستو اختيار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.