fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شھرين پاران جوا ۽ منشيات جا اڏا پوليس سرپرستي ۾ ھلڻ جو الزام

خانواھڻ: پوليس غير قانوني ڌنڌن کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي جوا ۽ منشيات جي واھپي جي کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آھي، جنھن سبب خانواھڻ جي سمورن شھري توڙي ٻھراڙي وارن علائقن خانواھڻ، تنيا، بقا شاهه ۽ٻين ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۽ شهرجي مين چوڪن ۽ پاڙن ۾ جوا جا اڏا ۽ڪچي شراب جون بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلي رهيون آهن جتان اسڪولي شاگردبه ڪچوشراب خريدڪري واپرائين ٿاجنهن سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي. ان کان علاوه گٽڪو، مين پڙي، زيڊ 21، سفينا، رجني جهڙين زهريلين شين جووڪروعام ٿي ويوآهي ۽ جوا جا اڏا پڻ شھر جي مختلف علائقن ۾ سرعام بنان ڪنھن ڊپ ڊاءُ جي ھلي رھيا آھن، جنھن سبب خانواھڻ ۽ ان جي آسپاس ھڪ طرف ڏوھاري سرگرمين ڪر کنيو آھي تھ ٻئي طرف نوجوان نسل پڻ تباھ ٿي رھيو آھي. ذريعن موجب منشيات ۽ جوا جي اڏن تان پوليس ھر مھيني لکين روپين جون منٿليون وصول ڪري رھي آھي، پوليس انتظاميا جي ناقص ڪاڪردگي سبب عوام ۾ عدم تحفظ جي لھر پئدا ٿي ويئي آھي، خانواھڻ جي ينگ ايڪشن ڪميٽي، شھري اتحاد، واپاري ايسوسيئيشن ملاح ويلفيئر جماعت اھلسنت غوثيا انجمن جي اڳواڻن غلام نبي سولنگي، سيد زاڪر علي شاهه، ڪامريڊ غلام رسول جلباڻي ۽ ٻين سياسي، سماجي ڌرين پوليس انتظاميا جي ان ڪڌي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چتاء ڏنو آھي تھ پوليس انتظاميا پنھنجو قبلو درست ڪري خانواھڻ مان سماجي براين جو خاتمو نھ آندو تھ احتجاج جو ھر رستو اختيار ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.