ڪراچي( شوبز نيوز) پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ شهرت جو ڌاڪو ڄاميئدڙ خوبصورت ادارا سجل علي کي خوابن جو شهزادو ملي ويو آهي، ٽي وي ڊرامن کان شهرت ماڻڻ بعد فلم انڊسٽري ۾ به ڌاڪو ڄمائيندڙ سجل مائٽن کي پڻ پنهنجي پسند جي حوالي سان راضي ڪري ورتو آهي، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته سجل علي جي خوابن جو شهزادو شوبز جي دنيا سان تعلق نٿو رکي، جڏهن ته ٻنهي خاندانن وچ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن اچ وڃ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي ۽ شادي جي حوالي سان جلد باضابطه ڳالهيون ٿينديون. سجل علي مختلف ٽي وي چينلن تي ڊرامن ۾ زبردست شهرت ماڻي چڪي آهي.