سنڌ جنهن تي 80 کان 90 جي ڏهاڪي تائين پ پ پ ۽ مسلم ليگين جي مقابلي ۾ سائين جي ايم سيد جي قوم پرست سياست ،ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڪميونسٽ سياست ، محترم رسول بخش پليجو جي قوم پرست ۽ ترقي پسند هاري طبقي جي سياست ، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جي کاٻي ڌر جي سياست ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ترقي پسند قومپرست سياست ميدان ۾ رهي آهي پر هاڻي ائين ناهي هاڻي پ پ پ جي مقابلي ۾ ساڳين مسلم ليگي جيڪي هاڻ تحريڪ انصاف يا فنڪشنل مسلم ليگ ۾ آهن ۽ شهرن ۾ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ،پ پ پ هڪٻئي جي مد مقابل آهن. سنڌ جي سياست تي هن وقت ڪنهن جو ڪيترو اثر آهي اچو ته ان جو جائزو وٺون .
سنڌ ۾ 25 جولاءِ 2018ع تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سياسي پارٽين جو جائزو وٺون ٿا ته پيپيلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون گهڻي تعداد ۾سيٽون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي جڏهن ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ وري تحريڪ انصاف وڌيڪ سيٽون کڻي پهرين پوزيشن تي رهي. بنيادي طور سنڌ کي طبعي طور ٻن حصن يعني ٻهراڙي ۽ شهري ۾ ورهائي سگهجي ٿو نئين تڪ بندين کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ قومي اسيمبلي جو 61 سيٽون جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون ٿيون آهن .عام چونڊن جي نتيجن موجب پ پ پ قومي اسيمبلي جي 61 سيٽن مان سڀ کان وڌيڪ 36 سيٽون کڻي پهرين پوزيشن نمبر تي رهي . جڏهن ته تحريڪ انصاف 15 سيٽون حاصل ڪري ٻئي پوزيشن حاصل ڪئي ، متحده قومي مومينٽ 6 سيٽون حاصل ڪري ٽئين نمبر تي آئي آهي جي ڊي اي 2۽ 2 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا ،جڏهن ته گذريل 2013ع جي عام چونڊن جا نتيجا ڏسون ٿا ته ان ۾ پ پ پ قومي اسيمبلي جون 35 سيٽون کڻي پهرين نمبر تي هئي ۽ ايم ڪيوايم 19 سيٽون کڻي ٻئين نمبر ۽ فنڪشنل مسلم ليگ4 سيٽن کڻي ٽئين نمبر تي هئي .2013 تحريڪ انصاف سنڌ مان قومي جي هڪ ،نواز ليگ هڪ ، نيشنل پيپلز پارٽي هڪ سيٽ کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيون هيون .سنڌ صوبي ۾ 2013ع ۽ 2018ع جي ٻنهي عام چونڊن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پ پ پ رڳو هڪ سيٽ وڌيڪ حاصل ڪئي آهي ،جڏهن ته تحريڪ انصاف هڪ سيٽ کان وڌي 15 سيٽن تي پهتي .ان حوالي سان 2013ع جي مقابلي ۾ تحريڪ انصاف 24 سيڪڙو وڌيڪ سيٽون کنيون ،جيڪو سنڌ جي شهري اليڪشن جي چونڊ تاريخ ۾ هڪ وڏي تبديلي جي نشاني آهي ،جڏهن ته متحده قومي مومينٽ جنهن 2013ع جي عام چونڊن ۾ 13 قومي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪيون هيون 2018ع ۾ صرف 6 سيٽون حاصل ڪيون آهن اهڙي ريت ايم ڪيو ايم 31 سيڪڙو گهٽ سيٽون کنيون آهن .تحريڪ انصاف جي سيٽن ۾ واڌارو ۽ ايم ڪيو ايم جي سيٽن ۾ گهٽتائي جو سبب سنڌ جي شهرن حيدرآباد ،ڪراچي ۾ ذاتي شخصي فيڪٽر سان گڏ سياسي جماعتن خاص ڪري ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙا بندي وارو فيڪٽر نمايا آهي. 2013ع جي عام چونڊن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ 4 سيٽن جي مقابلي ۾ هن 2018ع جي عام چونڊن ۾ ٻين سنڌ جي قوم پرست پارٽين ۽ اهم سياسي شخصيتن سان گڏجي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس( جي ڊي اي ) جي نالي سان اتحاد ٺاهي چونڊ ۾ حصو ورتو پر تڏهن به صرف 2 سيٽون هاصل ڪري سگهي . 25 جولاءِ 2018 ع جي عام چونڊن ۾ پ پ سنڌ مان سڀني کان وڌيڪ 38 لک 71هزار149 ووٽ حاصل ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي ،جڏهن ته تحريڪ انصاف 16لک99هزار371ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهي، جي ڊي اي 11لک 36هزار711ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي ، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 5 لک 54 هزارووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهي،تحريڪ ليبيڪ پهريون ڀيرو چونڊن ۾ حصو ورتو سنڌ ۾4لک18هزار9ووٽ سان صوبائي اسيمبلي جون 2 سيٽون کڻڻ ۾ڪامياب وئي . وري 2013ع جي چونڊن ۾ ڏٺو وڃي ته پ پ پ44لک68هزار853 ووٽ کڻي پهريون نمبر حاصل ڪيو هيو ۽ايم ڪيو ايم 24لک6هزار780ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي هئي ۽ فنڪشنل مسلم ليگ9لک94هزار785ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي هئي تحريڪ انصاف8لک52هزار21ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي اچي وئي. مسلم ليگ نون 4لک96هزار197ووٽ حاصل ڪيا هئا. سنڌ جي سياسي جماعتن جي ووٽن جو جائزو ورتو وڃي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ووٽن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ،پ پ پ جي ووٽن ۾ 2013ع کان 2018ع جي عام چونڊن ۾ 6لک ووٽن جي گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي .
سنڌ جي ٻهراڙيءِ مان پ پ جي ڪاميابي جو بنيادي سبب اهو آهي ته پ پ جي مقابلي ۾ جيڪي سياستدان آهن پوءِ اهو پير پاڳارو هجي يا دادو جا جتوئي ڀائر يا لاڙڪاڻي جو ممتاز ڀٽو خاندان هجي انهن شڪست انهي ڪري کاڌي آهي ته هو مختلف دورن ۾ فوجي آمرن جي حڪومتي دور ۾ ڌانڌلي ڪري چونڊون کٽي حڪومتن ۾ وزير، وڏا وزير رهيا آهن پر هنن عوام جي سياست نه ڪئي نه ئي انهن جا مسئلا حل ڪيا هاڻي جڏهن عوام جي سياست جو دور آيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهن انهن کي ووٽ ڪرڻ بجاءِ پ پ پ جي اميدوارن تي وڏا تحفظات هجڻ باوجود انهن کي ووٽ ڪري سوڀارو ڪيو . ٻيو سبب هاڻي عام ووٽر ووٽ جي قيمت ووٽ ڏيڻ کان اڳ ورتي جيڪا پ پ پ جي اميدوارن ادا ڪئي پر پ پ پ جي مخالفن ادا نه ڪئي ۽ چونڊ هارائي ويا.
هن وقت شهري سنڌ ۾ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد ٿي ويو آهي جنهن جي بدلي تحريڪ انصاف ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت ۾ 2 وزارتون پڻ ڏنيون آهن اهڙي طرح سنڌ جي ٻهراڙي ۾ پ پ پ ۽ سنڌ جي شهرن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي پارليامينٽ ۾ آهن ۽ سياسي ۽ حڪومتي طور قابض آهن ان سان سنڌ ۾ ڪا بهتري اچڻ جي اميد آسرو آهي ..؟؟ اهو ايندڙ وقت ۾ وفاق ۾ عمران خان جي اڳواڻي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪا ملڪ ۾ تبديلي جو نعرو هڻي قائم ٿي آهي ان تي ۽ سنڌ تي پ پ پ جي حڪومت جيڪا هاڻي پ پ پ جي چيئرمن بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ حڪومت هلائڻ جو نعرو هڻي حڪومت قائم ڪئي آهي ان جي پاليسين تي آهي ته هو معاشي طور تباهه حال سنڌ ،غربت ،ڏڪار ، بيروزگاري ۾ مبتلا سنڌ ۽ پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي ، زرعي پاڻي کان محروم سنڌ ۽ بدانتظامي ، ڪرپشن ۾ مبتلا سنڌ کي ڪيئن بهتر ڪري معاشي طور پاڻڀرو ڪري سنڌ کي خوشحال ڪري ٿي .
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار